ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 10 پئسا واڌ سان 227.85 رپين تي پهتو : سون 100 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 100 رپيا لاٿ سان 156400 مان 156300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن  ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 14 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1757 ڊالر في آئونس تي پهتو ، ٻئي طرف چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾  10 پئسا واڌ سان 227.75 مان 227.85  ۽ انٽر بينڪ ۾ 5 پئسا واڌ سان 221.69 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 276.5 مان 277 ۽ يورو ڏيڍ رپئي جي اضافي سان 241.5 مان 243 رپين تي پهتا.