ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ )ڊالر ۾ ٻيهر تيزي: 227.25 رپين تي پهتو: سون ۾ پڻ 700 رپين جو اضافو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  700 رپيا واڌ سان 151000 مان 151700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1570 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر  اوپن مارڪيٽ ۾   75 پئسا واڌ سان 226.5 مان 227.25 ۽ انٽر بينڪ ۾ 221.3 رپين تي پهتو، ٻئي طرف  پائونڊ  269.5 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته يورو هڪ رپئي جي واڌ سان 232 مان 233 رپيا ٿي ويو