ڊالر  ۾ لاٿ : 169.35 رپين تي پهتو: سون به سستو

0
351

ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر  ۾ لاٿ : 169.35 رپين تي پهتو، سون به سستو ، ان ڏس ۾ ڪراچي  جي صرافه بازار ۾  سون 200 رپين جي لاٿ سان 112400 مان 112200 رپيا في تولو تي پهچي ويو،

جڏهن ته چاندي پڻ 80 رپين جي گهٽتائي سان 1480 مان 1400 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف  اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 40 پئسا لاٿ سان 170.75 مان 169.35 رپين تي پهتو،

جڏهن ته پائونڊ پڻ هڪ رپيو گهٽتائي سان 236 مان235 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو2 رپيا لاٿ سان 201 مان 199 رپين تي پهتو