ڊالر ۾ لاٿ برقرار: ا نٽر بينڪ ۾ 218 رپين تي پهتو: سون پڻ 1300 رپيا سستو

0
488
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو

ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر  ۾ لاٿ برقرار آھي، ا نٽر بينڪ ۾ 218 رپين تي پهتو: سون پڻ 1300 رپيا سستو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  1300 رپيا لاٿ سان 143800 مان 142500 رپيا في تولو تي پهچي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 18 ڊالرن جي  گهٽتائي سان 1677 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف  چاندي 1580 رپين تي برقرار  رهي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو  لاٿ سان 221 مان 220 ۽ انٽر بينڪ ۾  هڪ رپيو 95 پئسا لاٿ سان 217.97 ( 218 ) رپين تي پهتو هو

واضح رهي ته  22 سيپٽمبر تي  ڊالر جو انٽربينڪ  اگهه 239.71 رپيا هو، جنهن ۾   18 ڏينهن ۾  پوڻا 22 رپين جي گهٽتائي ٿي، ٻئي طرف  پائونڊ ۽ يورو 2 رپيا لاٿ سان 248 مان 246 ۽ 218 مان 216 رپيا ٿي ويا

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ساين ڀاڄين جي اگهه ۾ تيزي برقرار: ميوات سستي: شهري پريشان