ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر کي 2 مهينن بعد بريڪ لڳي ويو: 209 رپين ۾ وڪرو: سون ۾ 4900 رپين جي لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾  سون 4900 رپيا لاٿ سان 145100 مان 140000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا اضافي  سان 1540 مان 1550 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ  ۾ 4 رپيا لاٿ سان 213 مان 209 ۽ انٽر بينڪ ۾ 4.7 رپيا گهٽتائي سان 211.93 مان 207.23 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ ساڍا 4 رپيا لاٿ سان 261.5 مان 257 ۽ يورو پڻ ساڍا 4 رپيا گهٽتائي سان    225 مان 220.5  رپين تي پهتا هئا