ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي پر لڳي ويا: 308 رپين جي بلند سطح تي پهتو: سون 200 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 200 رپيا واڌ سان 237000 مان 237200 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن  ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 13 ڊالرن جي لاٿ سان 1959 ڊالر في آئونس ٿي ويو، هوڏانهن چاندي 20 رپين جي اضافي سان 2880 مان 2900 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾3 رپيا واڌ سان 305 مان 308 رپيا ٿي ويو، هڪ موقعي تي ڊالر 312 رپين تي پڻ پهتو هو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 59 پئسن جي اضافي سان 287.15 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ 10 رپيا واڌ سان 376 مان 386 ۽ يورو 14 رپيا اضافي سان 321 مان 335 رپين تي بند ٿيا