ڊالر کي پر لڳي ويا، انٽر بينڪ ۾ ڊالر 205 رپين کان به مٿي چڙھي ويو

0
429
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر  کي پر لڳي ويا، 205 رپين جي بلند سطح  کان بھ مٿي ٿي ويو، سون به 600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا واڌ سان 142100 مان 142700 رپيا في تولو ٿي ويو،  جڏهن ته چاندي 10 رپيا گھٽتائي سان 1480 مان 1470 رپين تي پهتي
ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 2 رپيا واڌ سان  203 مان 205 ۽ انٽر بينڪ ۾ هڪ رپيو 51 پئسا واڌ سان 203.86 رپيا ٿي ويو، هڪ موقعي تي ڊالر 204.18 رپين تي پهتو، هوڏانهن  پائونڊ 60 پئسا لاٿ سان 253.1 مان 252.5 ۽ يورو هڪ رپيو 10 پئسا گهٽتائي سان 215.6 مان 214.5 رپين تي پهتا