ڊالر کي وري پر لڳي ويا، پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگو

0
431

ڪراچي(م ڊ) آمريڪي ڊالر پاڪستان جي تاريخ جي بلند ترين سطح تائين پهچي ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اڄ جي ڪاروبار دوران انٽر بينڪ ۾ هڪ ڊالر 90 پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ  169 روپين جو ٿي ويو.

هلندڙ مالي سال جي دوران هن وقت تائين ڊالر جي قيمت ۾ 11 روپيا 46 پيسن جواضافو ٿيو آهي.