ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي عارضي بريڪ : 190.5 رپين تي پهتو : سون 500 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا اضافي سان 218300 مان 218800 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون هڪ ڊالر جي واڌاري سان 2001 ڊالر في آئونس ٿي ويو، هوڏانهن چاندي 10 رپيا لاٿ سان 2240 مان 2230 رپيا في تولو تي پهچي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا لاٿ سان 291 مان 290.50 ۽ انٽر بينڪ ۾ 53 پئسا واڌ سان 283.93 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 4 رپيا اضافي سان 359 مان 363 ۽ يورو 5 رپيا واڌ سان 313.5 مان 318.5 رپيا ٿي ويا