ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر جي اڏام رڪجي وئي: 242 رپين تي پهتو: سون به 2000 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2000 رپيا لاٿ سان 160300 مان 158300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا گهٽتائي سان  1600 مان 1580 رپين تي پهتي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 8 رپيا  لاٿ سان 250 مان 242 ۽ انٽر بينڪ ۾ 53 پئسا لاٿ سان 238.84 رپيا ٿي ويو، انٽر بينڪ ۾ هڪ موقعي تي  ڊالر 240 رپين تي پڻ پهتو هو، ٻئي طرف  پائونڊ 6 رپيا لاٿ سان 300 مان گهٽجي 294 ۽ يورو هڪ رپيو لاٿ سان 246 مان 245 رپين تي پهتا، هوڏانهن  واپارين  جو چوڻ هو ته  آرمي چيف پاران آءِ ايم ايف فنڊ لاءِ آمريڪي اختيارين  سان ڪيل رابطي، ملڪي امپورٽ  ۾ 35 سيڪڙو لاٿ ۽ حڪومت پاران ايندڙ ڏينهن ۾ رپيو  سگهارو ٿيڻ جي بيانن بعد ڊالر کي بريڪ لڳي ويو آهي