ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي بريڪ لڳي ويو : انٽر بينڪ ۾ 43 پئسا سستو : سون 1100 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1100 رپيا واڌ سان 202400 مان 203500 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالرن جي واڌ سان 1926 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2250 رپين تي برقرار رهي، جڏهن ته ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 285.5 رپين تي پهتل هو، جڏهن ته انٽر بينڪ  ۾ 43 پئسا لاٿ سان 282.85 مان 282.42 رپين تي پهچي ويو، هوڏانهن پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 343.5 مان 343 ۽ يورو اڍائي رپيا گهٽتائي سان 304 مان 301.5 رپيا ٿي ويو