اسلام آباد (بيورورپورٽ) مذهبي معاملن واري وزارت هن سال حاجين لاءِ خاص رعايت جون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن. حج پاليسي 2023ع جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مذهبي معاملن واري وزارت هلندڙ سال 2023ع لاءِ ڊالرن ۾ ادائگي ڪندڙن کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ حج خرچ 13 لک رپين تائين وڌائڻ جي به سفارش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هن سال حج سڀ کان مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري حج اسڪيم ۾ ڊالر جمع ڪرائڻ وارن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ڊالرن جي کوٽ سبب پرائيويٽ آپريٽرز کي 50 سيڪڙو حج ڪوٽا ڏيڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سبب سرڪاري حج لاءِ 13 لک رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.