ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر لاڳيتو  بي لغام: 292 رپين جي بلند سطح تي پهتو: سون پڻ 217000 رپيا تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2500 رپين جي واڌ سان  214500 مان 217000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 40 ڊالرن جي اضافي سان 2023 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 20 رپيا اضافي سان 2230 مان 2250 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 291 مان 292 ۽ انٽر بينڪ ۾ 56 پئسا اضافي سان 287.29 مان 287.85 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ  ساڍا 3 رپيا واڌ سان 359 مان 362.5  ۽ يورو اڍائي رپيا اضافي سان 315 مان 317.5 رپين تي پهچي ويا