ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت کي ريورس گيئر لڳي ويو. ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گڏيل رجحان رهيو. 31 پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي جي چوٿين ڪاروباري ڏينهن دوران انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ 26 پئسا گهٽتائي ڏٺي وئي. انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت 283 رپيا 92 پئسا مان گهٽ ٿي 283 رپيا 66 پئسا ٿي وئي آهي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر 286.60 رپيا رهيو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ گڏيل رجحان رهيو. 100 انڊيڪس 314 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 39 هزار 848 تي بند ٿيو. بازار ۾ 8 ڪروڙ 87 لک شيئرز جا سودا ٿيا جن جي ماليت 3 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن هڪ ارب رپيا گهٽجي 6 هزار 93 ارب رپيا ٿي وئي.