ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر جي مٿاهين اڏام جاري: 238 رپين تي پهتو: سون 100 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 100 رپيا واڌ سان 145200 مان 145300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 2 ڊالر لاٿ سان 1730 ڊالر في آئونس ٿي ويو، ٻئي طرف چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1580 مان 1570 رپيا في تولو تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 2 رپيا واڌ سان 236 مان 238 ۽ انٽر بينڪ ۾ 2.10 رپيا واڌ سان 231.92 رپيا ٿي ويو،  ٻئي پاسي  پائونڊ  ساڍا 6 رپيا واڌ سان 275 مان 281.5 ۽ يورو وري 5 رپيا اضافي سان 237.5  مان 242.5 رپين تي پهتا هئا