ڊالر جي مٿانهين اڏام: ٻيهر 155.8 رپين تي پهتو

0
414

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر جي مٿانهين اڏام، ٻيهر 155.8 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 112500 رپيا في تولو تي برقرار رهيو، جڏهن ته چاندي 20 رپين جي واڌ سان 1430 مان 1450 رپين تي پهتي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 40 پئسا واڌ سان 155.4 مان 155.8 رپين تي پهتو ، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 220 مان 220.5 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو هڪ رپئي جي اضافي سان 189 مان 190 رپين تي پهچي ويو