ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر  جي مٿانهين اڏام: 215.5 رپين تي پهتو، سون پڻ 148300 رپين جو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا واڌ سان 148000 مان 148300  رپيا  في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا اضافي سان 1520 مان 1540رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ  ۾ ڏيڍ رپيو واڌ سان 214 مان 215.5  ۽ انٽر بينڪ ۾ ۾ 1.52 رپين جي اضافي سان 209.96 مان 211.48 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 3 رپيا اضافي سان  260.5 مان 263.5  ۽ يورو ساڍا 3 رپيا واڌ سان  223 مان226.5 رپين  تي پهتا