ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر  جي تاريخي اڏام: 301 رپين تي پهتو، سون 900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 900 رپيا لاٿ سان 233500  مان 232600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 12 ڊالرن جي لاٿ سان 1964 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾301 ۽ انٽر بينڪ ۾ 20 پئسا واڌ سان 285.82 رپين تي پهچي ويو، ٻئي طرف چاندي 2850، پائونڊ 369 ۽ يورو 321 رپين تي بيٺل رهيا، واپارين موجب آءِ ايم ايف ڊيل ۽ سياسي ٺاپر بعد صورتحال ۾ بهتري ايندي