ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام: مارڪيٽ ۾205 رپين تي بيٺل: سون 139000 رپيا في تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا واڌ سان 138600 مان 139000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا لاٿ سان  1490 مان 1480 رپين تي پهتي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 15 پئسا واڌ سان 202 مان 202.15 رپيا ۽ انٽر مارڪيٽ ۾ 14 پئسا واڌ سان 200.14 رپين تي پهتو، واضح رهي ته ڊالر  هلندڙ هفتي ۾ 7.61 ۽ شهباز سرڪار ۾ 17.21 رپيا مهانگو ٿيو، ٻئي طرف  پائونڊ ساڍا 5 رپين جي واڌ سان 243 مان 248.5 ۽ يورو 5 رپين جي اضافي سان 201 مان 206 رپين تي پهتا