ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي اڏام: 285 رپين تي پهتو: سون به 200 رپيا مهانگو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 200 رپيا واڌ سان 199000 مان 199200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 20 ڊالرن جي اضافي سان 1886 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 2250 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 284 مان 285 ۽ انٽر بينڪ ۾ 84 پئسا اضافي سان280.77 مان281.61 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ 7.2 رپيا واڌ سان 334.8 مان 342 ۽ يورو 5.5 رپيا اضافي سان 297 مان 302.5 رپيا ٿي ويا، هوڏانهن  اسٽاڪ مارڪيٽ 412 پوائنٽن جي واڌ سان 42246 پوائنٽن تي بند ٿي،