ڊالر جي اڏام ۽ مهانگائي جو طوفان

0
205

ڊالر کي آزاد ڇڏڻ سان ان پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن ۽ ٻن ڏينهن ۾ تقريبن 30 رپيا وڌي  هڪ ڊالر جو اگهه اوپن مارڪيٽ ۾ ذري گهٽ 262 روپين تائين پهچي ويو آهي جنهن سان نه رڳو پرڏيهي قرض وڌي ويا آهن پر مهانگائي جو اهڙو طوفان ايندو جو عوام جيڪو اڳي ئي مهانگائي جو ماريل آهي ان لاءِ جيئڻ جا رستا وڌيڪ سوڙها ٿيندا ويندا. جڏهن ته آءِ ايم ايف جي قرض جي آسري ويٺل حڪومت جي هٿ وس ٻيو ڪجهه به نه آهي ته اها آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃي جنهن سان به مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو ۽ عوام کي ڏنل سبسڊي واپس وٺڻي پوندي. مطلب ته حڪومت جيڪڏهن آءِ ايم ايف جا شرط نه ٿي مڃي ته به ملڪي معيشت لاءِ ڏچو آهي جيڪڏهن اهي شرط مڃي ٿي ته  به عوام کي وڌيڪ نپوڙيو ويندو.جيڪڏهن آءِ ايم ايف جو قرض ملي ٿو وڃي ته حڪومت کي ته ڪجهه مهينن جو رليف ملي ويندو پر عوام کي رليف ملڻ جو آسرو ڪنهن به صورت ۾ نظر نه پيو اچي ۽ ڊالر جي وڌيڪ اڏام عوام لاءِ ڏکيايون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.

جڏهن ناڻي وارو وزير ملڪ واپس موٽيو هو ته ڊالر جو اگهه ڪنهن حد تائين ڪريو هو ۽ اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي هئي ته ان جو اصلي اگهه 200 رپين کان به گهٽ آهي پر ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ انهي ڊالر جي قيمت وڌندي وئي جنهن جو  جواز اهو ٻڌايو پئي ويو ته هڪ ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ قرض ملڻ ۾ دير ٿي، ٻيو جيڪو جواز ٻڌايو پيو وڃي اها ملڪي سياسي صورتحال آهي جيڪا اڃا تائين هڪڙي بحران ۾ ورتل آهي ۽ ڪو استحڪام نظر نه ٿو اچي. ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل اها ڳالهه ڪئي ته هاڻوڪي ناڻي واري وزير  جي آءِ ايم ايف  مخالف سوچ  ملڪ کي نقصان پهچايو آهي جڏهن ته اسحاق ڊار اڳ اهڙو اظهار ڪري چڪو هو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف آسان شرطن تي قرض نه به ڏنو ته به هن وٽ ٻيو آپشن موجود آهي ۽ ملڪ ڏيوالي کان بچي ويندو پر لڳي ٿو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سبب اهو ٻيو آپشن ڪارگر نه ٿي سگهيو آهي ۽ وري به آءِ ايم ايف وارو آپشن ئي بچيو آهي جنهن ذريعي ملڪي معيشت کي ڪجهه وقت جي ٽيڪ ڏئي سگهجي ٿي . جيئن عمران خان جي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ  وڃڻ ۾ دير ڪئي تيئن هي حڪومت به آءِايم ايف جا شرط مڃڻ ۾ دير ڪري رهي آهي جنهن جو به ناڪاري اثر ملڪي معيشت تي پئجي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه بچي آهي جنهن سان ملڪي معيشت کي هٿي ڏئي سگهجي ان ۾ جيتري دير ٿيندي اهو ملڪي معيشت لاءِ وڌيڪ نقصانڪار ٿيندو.آءِ ايم ايف جو هڪ شرط اهو به هو ته ڊالر کي آزاد ڇڏيو وڃي جنهن تي ٻن ڏينهن کان عمل ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي ته ڊالر پنهنجي اڏام ڏيکارڻ شروع ڪئي آهي پر ان جو هڪ فائدو اهو ٿيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان نظر اچي رهيو آهي انهن سڀني جي هوندي اصل مسئلو ته عام ماڻهو جو آهي جيڪو هن سڄي ماحول ۾ وڌيڪ عذاب هيٺ آهي.هاڻي  آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر ملڻ جو آسرو ٿيو آهي جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد اڱاري تي پاڪستان پهچي رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته عوام جو اصل مسئلو مهانگائي آهي جيڪا ڊالر جو اگهه وڌڻ سان وڌيڪ وڌي رهي آهي.آءِ ايم ايف کان ملندڙ قرض کانپوءِ شايد ڊالر جي اڏام ۾ رڪاوٽ ٿئي ۽ ان جو اگهه گهٽ ٿئي جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته ڊالر جي اڏام عارضي آهي پر انهن سڀني شين لاءِ ملڪ ۾ سياسي استحڪام ضروري آهي، جيڪڏهن اهو استحڪام پيدا نه ٿيو  پوءِ ڀلي آءِ ايم ايف جو قرض به ملي وڃي ته به ملڪي معيشت ۾ بهتري اچڻ ممڪن نه رهندي. اهو قرض رڳو عارضي رليف ثابت ٿيندو.تنهن ڪري ڊالر جي اگهه کان وٺي مهانگائي کي قابو ڪرڻ لاءِ سرڪار کي سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.