ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر ٻيهر 287 رپين تي پهچي ويو: سون پڻ 1400 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1400 رپين جي واڌ سان 207300 مان 208700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 10 ڊالرن جي اضافي سان 1981 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2200 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50پئسا واڌ سان 286.5 مان 287 ۽ انٽر بينڪ ۾ 13 پئسا واڌ سان283.79 رپين تي پهتو، واضح رهي ته مارچ مهيني ۾ ڊالر جي اگهه ۾22.29 رپين جو واڌارو ٿيو، هوڏانهن پائونڊ 3 رپيا اضافي سان 351 مان 354 ۽ يورو 2 رپيا واڌ سان 309 مان 311 رپيا ٿي ويا،