ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي اڏام شروع: پوڻا 237  رپين تي پهتو: سون 200 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  200رپيا لاٿ سان  185000 مان 184800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون 4 ڊالرن جي واڌ سان 1871 ڊالر في آئونس تي تي پهتو، هوڏانهن  چاندي 2200 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 25 پئسن جي واڌ سان 236.5 مان 236.75 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن  پائونڊ 4 رپيا اضافي سان 304 مان 308 ۽ يورو پوڻا 4 رپين جي واڌ سان  267 مان 270.75 رپين تي پهتا