ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي اڏام جاري: 234.5 رپين تي پهتو: سون 900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  900 رپيا لاٿ سان 151000 مان 150100 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 9 ڊالرن جي لاٿ سان 1702 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي وري 10 رپيا واڌ سان 1580 مان 1590 رپيا في تولو  ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 233.5 مان 234.5 رپين تي پهتو، ٻئي طرف پائونڊ ساڍا 3 رپيا لاٿ سان 271.5 مان 268 ۽ يورو 2 رپيا لاٿ سان 232.5 مان 230.5 رپيا ٿي ويا