ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر   212 رپين تي پهچي نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو، سون پڻ 145000 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون   1000 رپيا  واڌ سان 144000 مان 145000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا اضافي   سان 1510 مان 1530 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ڊالر اڍائي رپيا واڌ سان 209.5 مان 212 رپيا ۽ انٽر بينڪ ۾  هڪ رپيو 8 پئسا واڌ سان 207.67  مان 208.75 رپيا  ٿي ويو . جڏهن ته  پائونڊ ساڍا 6 رپيا واڌ سان 253.5 مان  260  ۽ يورو 5 رپيا اضافي سان 253.56 مان 260 رپيا ٿي ويا.