ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر بدستور بي لغام:231 رپين تي پهتو: سون ۾ 200 رپيا اضافو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون  200 رپيا واڌ سان 158300 مان 158500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 11 ڊالرن جي لاٿ سان  1740 ڊالر في آئونس تي  پهتو، ٻئي طرف چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن  ڊالر اوپن ماڪيٽ ۾ هڪ رپيو اضافي سان   230 مان231 ۽ انٽر بينڪ ۾ 49 پئسا واڌ سان 223.17 مان 223.66 رپيا ٿي ويو، ٻئي پاسي  پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 281.5 مان 281 ۽ يورو پوڻا 2 رپيا گهٽتائي سان  246.25 مان 244.5 رپين تي پهتا هئا.