ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر بدستور بي لغام: 226 رپين تي پهتو : سون 1600 رپيا مهانگو ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1600 رپيا اضافي سان 147900مان 149500 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 4 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1653 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، هوڏانهن  چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڏيڍ رپيو اضافي سان 224.5 مان 226 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن  پائونڊ  ڏيڍ رپيو  واڌ سان 256 مان 257.5 ۽  يورو 2  رپيا اضافي سان 221 مان 223 رپيا ٿي ويا.