ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر  کي پر لڳي ويا : 239.5 رپين تي پهتو:  سون 700 رپيا سستو ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  700 رپيا لاٿ سان 185100 مان 184400 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي گولڊ مارڪيٽ  ۾ سون 6 ڊالرن جي گھٽتائي سان 1909 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، ٻئي طرف  چاندي 2200 رپيا في تولو تي برقرار رهي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا اضافي سان  239 مان 239.5  ۽ انٽر بينڪ ۾ 24 پئسا واڌ سان 228.9 مان 229.15 رپين تي بند ٿي ويو، ٻئي طرف ڊالر هڪ رپيو واڌ سان 309 مان 310 ۽  يورو  ڏيڍ رپيو اضافي سان 270.5 مان 272 رپين تي پهتا،