ڊالرز ذخيرو ڪندڙن خلاف ايڪشن جو فيصلو

0
497
ڊالرز ذخيرو ڪندڙن خلاف ايڪشن جو فيصلو
ڊالرز ذخيرو ڪندڙن خلاف ايڪشن جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ڊالرز ذخيرو ڪندڙن خلاف ايڪشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ڊفالٽ نه پيو ڪري، اُن حوالي سان افواهه عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهن

وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي ملڪي معيشت بابت حقيقتون سامهون آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته سبسڊي کي ٽارگيٽيڊ ڪرڻ سان گڏ ايڪسپورٽ وڌائڻي پوندي، پرڏيهي قرضن تي وڌيڪ نٿا ڀاڙي سگهون، پاڪستان کي ٽئڪس ڊائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي
هن چيو ته ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حمايت ڪريان ٿو، ملڪ ۾ معيشت کي سياست کان ڌار ڪرڻو پوندو
اسحاق ڊار چيو ته بنگلاديش سوڌو ٻيا ملڪ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ مداخلت نه ڪندا آهن، هتي هُنڊي مافيا معيشت کي يرغمال بڻايو آهي، جنهن سبب حڪومت کي مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي آهي
ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته نيب جي خوف سبب ڪير به ڪم نٿو ڪري، گهڻن سرڪاري ادارن کي خانگائڻو پوندو

هن کي به پڙهندا

17ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس:عمران خان

حڪومتي اتحاد ۾ رهجي يا نه؟ اختر مينگل مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جسٽس منصور جو سوال