اسلام آباد(بيورورپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جا چئن مان 3 نوان شرط پورا ڪندي آءِ ايم ايف کي جواب اماڻي ڇڏيو آهي، دوست ملڪن پاران مدد ملڻ جي خاطري نه ڪرائي وئي آهي. مليل رپورٽن موجب ناڻي واري وفاقي وزير ڪالهه ڊالر جي اگهه ۽ وياج جي شرح ۾ اضافي بعد آءِ ايم ايف کي ايميل وسيلي پنهنجي سوالن جو جواب اماڻيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چئن مان ٽن شرطن کي پورو ڪيو ويو آهي. ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڪسان پيڪيج ۽ ايڪسپورٽ شعبي لاءِ بجلي تي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب حڪومت دوست ملڪن جي مالي مدد جي مطالبي تي جواب نه ڏنو آهي. جڏهن ته ورچوئل ڳالهين بابت فيصلو اڄ جمعي ڏينهن ٿيڻو آهي.