ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊائو يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي تاريخ جو پهريون جيري جو آٽو ٽرانسپلانٽ آپريشن ڪيو ويو. انهي علاج جي طريقي هيٺ ڪينسر کان متاثر جيري کي جسم مان ڪڍي ناڪاره رڳن کي هٿرادو رڳن سان تبديل ڪري جيري کي واپس جسم ۾ لڳايو ويندو آهي. بلوچستان جي علائقي زوب سان واسطو رکندڙ 28 ورهين جو مريض صادق شاهه جيري جي ڪينسر ۾ ورتل هو، پروفيسر ڊاڪٽر فيصل ڊار، ڊاڪٽر جهانزيب، ڊاڪٽر محمد اقبال ۽ ٻين ماهرن جي نگراني ۾ مريض جو جيرو ڪڍي ان کي ڪينسر کان صاف ڪري ٻيهر لڳايو ويو ، هاڻ مريض مڪمل طور صحتياب آهي. ان ڏس ۾ ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر سعيد قريشي دنيا ۾ هيل تائين 20 آٽو ٽرانسپلانٽ ٿيا آهن، اهو انتهائي حساس آپريشن آهي، ان ۾ انتهائي احتياط ۽ مهارت جي ضرورت هوندي آهي، هن چيوته ڊائو ۾ هاڻ هر مهيني جيري جا 3 کان 4 ٽرانسپلانٽ آپريشن ڪيا ويندا.