ڪراچي: حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالحميد چنڙ پاران 13 سيپٽمبر تي جوڙيل ڪاميٽي کي 5 ڏينهن ۾  رپورٽ پيش ڪرڻي هئي،  ريجنل ڊائريڪٽر پاران جوڙيل ڪاميٽي ۾  نذرٿ ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر سعيده ميمڻ کي چيئرپرسن ايڊيشنل ڊائريڪٽر فنانس ڊاڪٽر شازيا آخوند ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر انسپيڪشن شوڪت بلوچ کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو هو، ڪاميٽي اڄ تائين ڪا رپورٽ جمع نه ڪرائي