لاهور (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسيمبليون ٽٽيون ته پي ڊي ايم جي سياست ختم ٿي ويندي، نواز ليگ دفن ٿي ويندي، پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ شيخ رشيد چيو ته تيل، گيس ۽ بجلي لاءِ پيسا نه آهن پر ڪمپني جي مشهوري لاءِ 2 ارب رپيا آهن، ڇڙي بدلجي وئي ۽ قانون جو وزير ٻيهر واپس اچي ويو.