”ڇو ٿا عاشقن جون پٽون کائو!“ موبائل فون ٽيڪس وڌائڻ تي دلچسپ تبصرا

0
450

ڪراچي: وفاقي بجيٽ ۾ 3 منٽن کان وڌيڪ موبائل فون ڪالز تي ٽيڪس لڳائڻ واري پنهنجي اخبار جي پول تي پڙهندڙن پاران دلچسپ تبصرا ڪيا ويا آهن. ڪجهه پڙهندڙن ان کي درست جڏهن ته اڪٿريت ان کي غلط فيصلو قرار ڏنو. ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته اهو غلط فيصلو آهي، ماڻهو مائٽن سان به ڳالهائيندو آهي، راشد لطيف لکيو ته پوءِ ماڻهو فضول نه ڳالهائيندو باقي عاشقن لاءِ ويل ٿي ويو. بلاول غلام نبي لکيو ته اسان 2 منٽ 50 سيڪنڊ ڪال ڪري ڪٽينداسين وري بيھر ڪنداسين، مير حماد ٽالپر جو چوڻ هو ته ٽينشن ئي ڪونهي آئون ڏيندوئي مسڪال آھيان، محسن بلوچ لکيو ته ڇو ٿا عاشقن جون پٽون کائو. طارق جمال لکيو ته ڀلائي آ، هونئن به اسان ڏي ڪنهن جي ڪال ناهي ايندي. ذوالقرنين لنڊ جي خيال ۾ اهو درست فيصلو آهي ، انڪري ته ڪم جي ڳالھ ته هڪ ٻن منٽن ۾ ٿيو وڃي، باقي اجائي ڪچهري بند ٿي ويندي. ڪير ڪنهن کي ڌمڪيون ڏيڻ مهل ٽيڪس جو خيال ڪندو.