ڇور ويجهو راشن ورھائڻ دوران گولي ڇٽڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

0
229

ڇور/عمرڪوٽ (نمائندن وٽان) عمرڪوٽ جي علائقي ڇور ويجهو مدرسي ۾ راشن ورهائڻ دوران اچانڪ گولي ڇٽڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻه ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڇور ويجهو نيو اسلام آباد ڪالوني ۾ مدرسي ۾ راشن ورهائڻ دوران سيڪورٽي گارڊ کان اچانڪ گولي ڇٽڻ سبب هڪ پيرسن آدم شيخ مارجي ويو، جڏهن ته عبدالرحمان سميجو ۽ محمد فاروق شيخ سخت زخمي ٿي پيا، رات دير سان راشن ورهائڻ وقت مدرسي جي سيڪورٽي گارڊ شوڪت ڪنڀار کان اچانڪ فائر ٿيڻ سبب واقعو پيش آيو، سول اسپتال عمرڪوٽ مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۽ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.