ڇا ڪو رهجي ويو جنهن کي نيب قانون تحت ڇوٽ نه ملي هجي؟ سپريم ڪورٽ

0
166
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا ڪوئي رهجي ويو آهي جنهن کي نيب قانون تحت ڇُوٽ نه ملي هجي؟

جسٽس اعجاز الاحسن جا رمارڪس ڏنا ته  تعلقي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي فيصلن کي به ڇوٽ ملي وئي آهي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مالي فائدو ثابت ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن فيصلي کي غلط نه ٿو چئي سگهجي، نيب قانون مطابق ججز کي ڇوٽ حاصل نه آهي

عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته نيب قانون ۾ ترميمن تحت آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي ان وقت ڪارروائي ٿيندي جڏهن ڪرپشن ثابت ڪئي ويندي

چيف جسٽس چيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن سميت نيب قانون مان ٻيا ڪهڙا ڏوهه ڪڍيا ويا، ڇا انهن ڏوهن خلاف ٻيا قانون موجود آهن؟

وڪيل خواجا حارث چيو ته ترميمن ذريعي اختيارن جي ناجائز استعمال وارا ڏوهه به ڪڍيا ويا آهن

ھي به پڙھندا

فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي: سپريم ڪورٽ

نيب جو آصف زرداري جي بريت خلاف 4 اپيلون واپس وٺڻ جو فيصلو