ڇا ڪراچي وري نشاني تي آهي؟

0
143
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ جو گادي وارو هنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي آهي ٽن ڏينهن اندر دهشتگردي جون ٻه وارداتون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته هن ئي مهيني ۾ چائنيز شهرين  تي دهشتگرد حملو ٿيو هو. هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ دهشتگردي جي انهن ٽنهي ڪاررواين ۾ ٽن چائنيز شهرين سميت 8 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا جڏهن ته انهن حملن ۾پوليس اهلڪارن سميت درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا. ويجهي ماضي ۾ ملڪ جنهن دهشتگردي کي منهن ڏنو اهو هڪ ڊيڄاريندڙ خواب هو جتي ڪو ڏينهن خودڪش ڌماڪي کان خالي نه گذرندو هو پر پوءِ نيشنل ايڪشن پلان آيو ۽ سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي انهي دهشتگردي مان عوام ۽ ملڪ جي جان ڇڏائي.  ڪجهه سال ٺاپر ۾ گذريا پر هاڻوڪي صورتحال ۾ ايئن لڳي رهيو آهي ته شڪست کاڌل اهي دهشتگرد گروهه وري منظم ٿي رهيا آهن ۽ انهن پنهنجي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مرڪز سنڌ جي گادي واري شهر  ڪراچي کي بڻايو آهي جيڪو ملڪي جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو.

ملڪ ۾ هن وقت هڪڙي سياسي عدم استحڪام واري صورتحال آهي ته ٻئي طرف معيشت جي حالت به ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي جنهن ڪري دهشتگردن انهي موقعي مان فائدو وٺي ڪارروايون تيز ڪيون آهن. ملڪ کي ڪمزور ۽ نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪندڙ گروهه سدائين اهڙن موقعن جي تاڙ ۾ هوندا آهن ته اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪري ملڪ جو نه رڳو امن امان تباهه ڪجي پر معاشي طور ان کي ايترو نقصان پهچائجي جو اهو پاڻڀرو ٿيڻ جهڙو نه رهي.ڪراچي به نه رڳو سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي پر ملڪ جي معيشت ۾ ان جي اهڙي حيثيت آهي جيئن زندگي لاءِ آڪسيجن. جيڪڏهن ڪراچي ۾ اهي لڳاتار دهشتگردي جون ڪارروايون ٿين ٿيون ته پرڏيهي سيڙپڪاري کان وٺي عام ڪاروبار تائين کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو.

ڪراچي ۾ هڪٻئي پٺيان اهي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪو اتفاقي ناهن پر اهي سوچيل سمجهيل منصوبي جو حصو لڳن ٿيون ته جيئن ملڪي معيشت کي نقصان پهچائجي ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٻئي هنڌ تي دهشتگردي جي ڪارروائي سان رڳو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو پر ڪراچي ۾ اهڙي ڪارروائي جو مطلب آهي ملڪ جي معيشت کي ڌڪ هڻڻ. ڪجهه سال اڳ تائين ڪراچي ۾ اهڙي صورتحال هئي جنهن ڪري اڪثر سيڙپڪار پنهنجي سيڙپ يا ته ٻين صوبن ڏانهن کڻي ويا يا وري ملڪ کان ئي ٻاهر سيڙپ ڪرڻ کي ترجيح ڏني جڏهن ته ٻاهريان سيڙپڪار به هتي اچڻ لاءِ تيار نه هئا پر پوءِ دهشتگردي خلاف آپريشن ۽ خاص ڪري ڪراچي کي ڏوهن ۽ بدامني کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين ڏانهن موٽي رهيو هو ته روزگار جي دروازا به کلي رهيا هئا ته سيڙپڪاري به ٿي رهي هئي پر هڪ مهيني اندر هنن ٽن دهشتگردي جي ڪاررواين ملڪ ۽ خاص ڪري ڪراچي کي پرامن ڏسڻ جي خواهش مند ماڻهن کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي ته ڇا 80هزار جانين جي قرباني ڏيڻ کانپوءِ به وري اها دهشگردي جي بلا ڪر کڻي رهي آهي جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي مدد سان قابو ڪيو ويو هو.

اسان سمجهون ٿا ته دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ نه رڳو  دهشتگردي خلاف پنهنجي حڪمت عملي کي وري ڏسڻ جي ضرورت آهي پر جتي جتي جهول آهن انهن کي ترت ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته  هڪٻئي پٺيان لڳاتار ٽي دهشتگردي جون ڪاررواين مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته دهشتگرد گروهه وڌيڪ منظم ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ موجود سياسي بحران جو به فائدو وٺي رهيا آهن جنهن جو شايد اسان جي حڪومتن يا سياسي ڌرين کي اندازو ناهي. تنهن ڪري ملڪ ۽ خاص ڪري ڪراچي شهر کي نشاني تي رکي ملڪي جي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ واري سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ  سڀئي ڌريون گڏجي ڪردار ادا ڪن.