ڇا ڏينهن هئا ڇا نينهن هئا

0
151
پليجو پنڌ ۾ آهي

 ڪي ڏينهن هئا جو بدين ضلعو عوامي ۽ قومي سياست جو مرڪز هو، جنهن جو سپه سالار شهيد فاضل راهو هو. نظرياتي ۽ انقلابي ادب سنڌ جو ڏاهو ۽ دانشور جناب رسول بخش پليجو لکندو هو. شهيد فاضل راهو نظرياتي ڪارڪنن جي هڪ وڏي جماعت پيدا ڪئي جنهن ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ وڏيرا شاهي ۽ فوجي آمريتن خلاف ڀرپور ويڙهاند ڪري شاندار سوڀون ماڻيون، مجال آهي جو ڪنهن وڏيري جي جرئت ٿئي جيڪو ڪنهن مظلوم هاري تي ڏاڍ ڪري سگهي. اسان ڪامريڊن کان وڏيرا شاهي ڪنبندي هئي. مونکي ياد آهي ته راهوڪي ديھه ۾ هڪ زميندار نالي غازي پرهياڙ هڪ هاري الهڏنو ڀٽ کي ڪڙيو گهنور ٿاڻي تي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو جنهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فاضل جي حڪم تي اسان 50 هاري ورڪرن ڪڙيو گهنور ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري مطالبو ڪيو ته الهڏنو ڀٽ کي آزاد ڪريو، زميندار غازي پرهياڙ کي گرفتار ڪيو وڃي. SP بدين آيو جنهن اسان جو مطالبو مڃيندي هاري الهڏنو ڀٽ کي آزاد ڪري زميندار غازي پرهياڙ کي لاڪپ ڪيو تنهن کانپوءِ اسان ٿاڻي جو گهيراءُ ختم ڪيو.

اهڙي طرح گولاڙچي جي هڪ زميندار شڪاري هارين کي هارپي مان بيدخل ڪيو، جيڪا جدوجهد ڪافي وقت هلي جنهن ۾ به سوين عورت هارياڻين به ڀرپور حصو ورتو.  زميندار مجبورن گوڏا کوڙيا هارين جي جدوجهد سوڀاري ٿي. کٻڙ چانگ مشهور شاعر ان سان به ترائي جي زميندار مير اوٺي سان اڌ بٽائي جو جهيڙو هليو جنهن کي به پورو حصو مليو، اهڙا ڪيترائي مثال آهن جمهوري سرڪار ۽ مارشلائي زماني ۾ به هاري جدوجهدن ڪاميابيون ماڻيون. اهي سوڀون شهيد فاضل جي بهادري جي ڪري هيون. هاڻي ته سڃ پئي واڪا ڪري ڪو به هاري ورڪر نه رهيو آهي. فاضل جي شهادت کان پوءِ اهي تحريڪون به ڄڻ شهيد ٿي ويون آهن، گهڻا ورڪر جيڪي سنڌي عوامي تحريڪ ۽ هاري تحريڪ جا بهادر سپاهي هئا سي مري کپي ويا خاڪ ۾ دفن ٿي چڪا آهن. جن ۾ جبل ڏيٿو، علي سوڍو، موسو ماڇي، اسماعيل مهيري، انقلابي شاعر اسماعيل اداسي، شير خان لنڊ، اسماعيل سوهو، اڪبر شاھه قاسم پٿر، ڳهڻو شاهاڻي، کڏو ميگهواڙ، پنهون زئور، عوامي شاعر مبين پناهي ۽ ٻيا گهڻا ئي گذاري ويا آهن جيڪي حال حيات آهن انهن ۾ جمعون نوحاڻي امين خاناڻي جت موسي ٻيلوي درس مير خان لاشاري يوسف لاشاري سليمان ڏاهري وڪيل نور محمد ڏاهري ۽ عثمان مهيري عرف داٻو شامل آهن

لطيف سائين جي هن شعر جيان

ويا سي وِينجهارَ! هِيرو لال وِنڌِينِ جي؛

تِـنِين سَندا پويان، سِيھي لَـھَنِ نه سارَ؛

ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُھارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين.

اڄ ڪلھه جي سياست مال پاڻي تي  هلندڙ آهي. لانگ مارچ هجي يا ڪا شهيد جي ورسي سڀ ڪجھه ڀتي ۽ پئسي تي هلندڙ آهي. لوڪل گورنمينٽ جي فنڊن جي رقمن تي هلندڙ آهي. سياستدانن ۾ ڪرپشن آهي ورڪر ڏسي ٿو ته ليڊر حضرات رشوت جي مال مان ڪروڙين پيا هڻن ته لکن جو ته اسان جو به حق آهي. انقلاب ته ويو ختم ٿي پيٽ ته اسان کي به آهي، اڌ عمر بک تي انقلاب جي آسري گذري وئي باقي حياتي خبر ناهي ڪيتري؟ سڄي عمر دال ڀت کائي پيٽ گذر ڪيو هاڻي ته اولاد ۽ زالون موچڙا ٿيون هڻن ته مئا سڄي عمر اسان کي بک ماريي هاڻي ته سڄو جهان پيو کائي هاڻ ته رئيس وڏي جي پارٽي ۾ آهيون. سڀ وڃي ان ٻيلي ۾ گڏيا آهن ڏوھه اسان ڪو نه ڪيو آهي. مهان قوم پرست جيڪو سٽن ۾ هوندو سو به هاڻي موجون پيو ڪري ٻيا قوم پرست به ڇڪيو اچي رئيس وڏي ڏانهن انهي تي هن کي ڪميشن ٿي ملي.

ڇا ڏينهن هئا ڇا نينهن هئا

ڇا تنهنجي سونهن به ورونهن هئي

نه رهي نه رهي نه رهي ڙي الا

گذري به وئي گذري به وئي

سک ڏئي ڏک ورتا ها

ڪنهن پياري جا جڳ ساري جا

پڇ اي نه اياز اهي ڏکڙا

گذري به وئي گذري به وئي.