ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو؟

0
204
ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو؟

 گذريل ڏينھن ڇاڇري شھر ۾ وڃڻ ٿيو ته  اتي مختلف علمي ادبي سماجي ماڻھن سان مکا ميلو ٿيو. ڇاڇري ۾ مختلف علمي ادبي ماڻھن جي ڪچھرين ۾ جتي ھن شھر جي تاريخي سڃاڻپ تي ڳالھيون ٿيون اتي ھن شھر جي عروج زوال سياسي  وايو منڊل ۽ موجوده مسئلن تي پڻ ڳالھيون ٿيون.  ڇاڇري جي شھرين جي ڪچھرين ۾ جتي لڇمڻ سنگهھ جي ناماچاري جو ذڪر ٿيو  ھو ته اتي سيٺ جمعون خان راھمون جي سماجي خدمتن جو پڻ ذڪر ٿيوھو.  پراڻو ڇاڇرو ھاڻي ٻن تعلقن ۾ ورھائجي چڪو آھي ڏاھلي اڳي ڇاڇري جو حصو ھوھاڻي خود تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.ڇاڇري جي باک ڦٽڻ جو منظر ۽ شام  لٿي جو منظرڪنھن کان وسري نٿوسگھي.  ڇاڇري تي جڏهن باک ڦٽي ٿي، تڏهن اُهو خوبصورت منظر ڪيترن ئي نگاهن ۾ اٽڪي پوي ٿو. ڇاڇرو ٿر جي حُسناڪي جو اهڃاڻ رهيو آهي. ڇاڇرو وسيع تاريخ رکندڙ ٿر جو اُهو حصو آهي، جتي ڍاٽ جا ڍاٽيئڙا پنهنجي شاندار روايتن ذريعي محبتن کي قائم رکندا پيا اچن. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ڇاڇري جي حُسناڪي ۽ تاريخي سڃاڻپ کان متاثر ٿي شاعري ڪئي ۽ ڪجهه شعر پڻ تخليق ڪيا.ماضي ۾ شاندار اوج تي رهندڙ ڇاڇرو ڌارين جي حملن ۽ مختلف جنگين ۾ ضرور متاثر ٿيو هو ۽ انهيءَ وقت ۾ ڪيترائي هندو ڇاڇري مان لڏي هندوستان ويا هئا. اُنهيءَ وقت ڇاڇري مان هندوستان لڏي ويندڙ سنڌي هندوئن جي درد جي ڪيفيت کي سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ڪجهه هن ريت بيان ڪيو هو ته:

مان جو ان جي ريت جي، ڪڻ ڪڻ ۾ چمڪان،

مري ڀلا مان، ڪيئن ڇڏيندس ڇاڇرو!؟

سنڌ جي ڪجھه ٻين شاعرن پڻ ڇاڇري کي پنھنجي شاعري ۾ ڳايو آھي. ڇاڇرو جتي ڍاٽ جي ڍاٽيئڙن جي محبتن جو مرڪز رهيو آهي اُتي ڇاڇرو “ٿر جي سياست” جو پڻ اهم مرڪز رهيو آهي. ھاڻي ته ڇاڇري  کي ٽوڙي ان مان ھڪ ٻيو تعلقو ڏاھلي الڳ ڪيو ويو آھي پر ڇاڇرو  جي پنھنجي انفرادي سڃاڻپ ضرور رھي آھي انھي ڪري چئبو ته ڇاڇرو ٿر جي سياست جا رُخ پڻ مختلف وقتن تي تبديل ڪندو رهي ٿو. ڏورانهين ڳوٺن تائين پکڙيل تعلقي  ڇاڇري ۽ ڏاھلي جا اڪثر ماڻهو ٻنين، زمينن ۽ ٻين ننڍن وڏن مسئلن تي جهيڙيندي نظر ايندا آهن ۽ تر جا پٽيل ۽ سياسي وڏيرا  پنھنجن اوطاقن تي انهن جا فيصلا راڄوڻي طريقي سان ڪندي نظر ايندا آهن. ڇاڇري ۾ وڏيرن جي اوطاق تي توهان کي هر وقت ماڻهن جا ميڙ (هجوم) نظر ايندا آهن، جيڪي پنهنجي ڍاٽڪي ٻولي ۾ منفرد انداز ۾ وڏي آواز ۾ ڳالهائيندي ۽ جهيڙيندي نظر ايندا. پنهنجي ڍاٽڪي ٻولي ۾ جهيڙيندڙ انهن ڍاٽيئڙن جي لهجي ۾ نج ٿريوهجڻ جو احساس نظر ايندو آهي. هونئن ته ڇاڇري سميت سمورو ٿر پيار، امن، محبت ۽ مذهبي رواداري جو خطو رهيو آهي. ٿر جي مهمان نوازي دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. ٿر جا ماڻهو پنھنجي روايتي محبتن جا امين رھيا جيڪي پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ محبتون ونڊيندي نظر ايندا آهن. ٿر ۾ جيڪڏهن ڪو ننڍو وڏو مسئلو ٿي ويندو آهي ته ٿر جا ڳوٺاڻا انهن ننڍن ننڍن مسئلن کي راڄوڻي طريقي سان حل ڪري ڇڏيندا آهن. جيتوڻيڪ ٿر ۾ وڏيرڪو ڪلچر موجود آهي ۽ ٿر جي ڳوٺن جا پٽيل ۽ وڏيرا، سياسي ڌرين جي رحم ڪرم تي هلندي پنهنجي تر ۾ سياست ڪندي نظر اچن ٿا ۽  ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو پڻ بڻائن ٿا،  اھو انتقام ڪنھن سرڪاري ملازم جي بدلي تائين ھوندو آھي پر جڏهن ڳالهه راڄ جي جي اچي ٿي يا ڳوٺ جي پنهنجائپ جي اچي ٿي، تڏهن اُهي وڏيرا پنهنجائپ جي ڪلچر کي مان ڏيندي وري به مڙي وڃن ٿا ۽ کير کنڊ ٿي وڃن ٿا. ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ اڄ به توهان ڏسندو ته ٿريا هڪ ٻئي جي شادي غمي يا ڏکئي وقت ۾ پيش پيش هوندا آهن. ٿر جا ماڻهو جيڪڏهن پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته وڌ ۾ وڌ انهن جا جهيڙا ٻنين تي هوندا آهن. ٿر جي تعلقي ڇاڇري ۾ ٻنين ۽گئوچرن تي ننڍا وڏا جھيڙا ٿيندا رھن ٿا . ڇاڇري جي پٽيلن ۽ سياسي وڏيرن وٽ جيڪي فيصلا ايندا آهن انهن ۾ گهڻا فيصلا ٻنين جي جهيڙن جا هوندا آهن. ضلعي ٿرپارڪر ۾ ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان (ڇاڇرو  ۽ ڏاھلي )پراڻو ڇاڇرو تعلقو وڏي ۾ وڏو تعلقو تصور ڪيو ويندو ھو، انهيءَ تعلقي ۾ راهمان، سميجا، نهڙيا ۽ ميگهواڙ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. جيڪي ايندڙ اليڪشن ۾ ٿر ۾ ڪا سياسي تبديلي آڻي سگھن ٿا. ڇاڇري تعلقي ۾ راهمان بنيادي طور تي پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل رهيا آهن. هڪڙو دور اهو هوندو هو جڏهن تعلقي ڇاڇري ۾ سيٺ جمعون خان راهمون جي ٽرانسپورٽ هلندي هئي. تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ مهراڻ ويرو سان تعلق رکندڙ جمعون خان راهمون ٿر ۾ سماجي ڪمن ڪارن جي حوالي سان هڪ سماج سڌارڪ طور پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھو.

ڇاڇرو تعلقو مختلف مسئلن ۾ گھيريل  رھيو آھي  ڇاڇري واسين لاءِ  وڏي ۾ وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو آھي . ڇاڇري تعلقي  جي سيمن ۾  مختلف وقتن تي گئوچر تي قبضا عام جام ٿيندا رھياآهن، گئوچرن تي قبضا ٿيڻ سبب مالوند ماڻهو پريشان ٿيندا رھن ٿا ٿر ۾ اينيمي پراپرٽي وارو مسئلو پڻ جيئن جو تيئن موجود آهي. انهيءَ ڪري ٿر ۾ ٻنين تي اڪثر جھيڙاٿيندارھن ٿا.  ڇاڇري ۾ ھن وقت سياسي جوڙتوڙ جي حوالي سان مختلف  برادرين  جاڪٺ جڙي رھيا آھن، ھاڻي ڏسڻو آھو آھي ته مستقبل ۾ ڪھڙو ٿو سياسي وايو منڊل جڙي ؟

ڇاڇري تعلقي جي ڏورانھين ڳوٺن ۾ پڪا لنڪ روڊ ۽ بجلي جي سھولت ڏيڻ جي ضرورت آھي.  ڇاڇري جا ماڻھو مٺي پاڻي لاءِ پريشان آھن انھي ڪري وقت جي تقاضا آھي ته ڇاڇري جي مسئلن جي حل لاءِ ڪا پيش رفت ٿيڻ گھرجي.