ڇا پارٽي سان بغاوت بدنيتي نه هوندي، خيانت جي خوفناڪ سزا آهي: سپريم ڪورٽ

0
211
سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي، معزز ججز ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا پارٽي سان بغاوت بدنيتي نه هوندي، ڇا بغاوت ڪرڻ امانت ۾ خيانت ناهي؟ خيانت جي خوفناڪ سزا آهي، ڇا ضمير سان خيانت ڪري ڪنهن جي مرضي سان ووٽ وجهي سگهجي ٿو

اٽارني جنرل چيو ته هي فني نه، آئيني مامرو آهي، عدالتي آبزرويشن سان اتفاق نٿو ڪريان، پر کُليل دِل سان تسليم ڪريان ٿو

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان چئي رهيا آهيو ريفرنس ٻڌڻ جوڳو ناهي، اٽارني جنرل چيو ته عدالت کي ميمبر ۽ پارٽيز جا حق به نظر ۾ رکڻا آهن