ڇا يوڪرين نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿي سگهندو.؟

0
201
ڇا يوڪرين نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿي سگهندو.؟

  گذريل 9 مهينن کان وٺي روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ سڌي ريت جنگ ڇڙيل آهي جنهن جي نتيجي ۾ هزارين زندگيون ان جنگ جي ور چڙهي ويون آهن.آفيس آف يونائيٽيڊ نيشن ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي پاران تصديق ٿيل انگن مطابق يوڪرين اندر  نومبر مهيني تائين 6557 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن جنهن ۾ 408 رڳو ٻار آهن جڏهن ته 10 هزار کان مٿي ماڻهو زخمي آهن.جڏهن ته انگ ان کان ڪافي دفعا وڌيڪ آهي.

                 جڏهن ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ هي سڌي ريت جنگ آهي جيڪا 2014ع کان شروع آهي پر فل اسڪيل جنگ  هن سال فيبروري ۾ شروع ٿي هئي.2014ع ۾ روس جي حمايت يافته يوڪريني صدر وڪٽر يونوڪووچ کي هڪ عوامي بغاوت جي ذريعي هٽائي ان کي ملڪ بدر ڪيوويو جنهن روس ۾ سياسي پناهه وٺي ڇڏي .جنهن کان پوءِ روس طرفان يوڪرين جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪري ان کي روس سان ملائي ڇڏيو.

                 هن ڪالم ۾ روس جي يوڪرين سان سڌي ريت جنگ ڪرڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ سان گڏ ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته  ڇا يوڪرين کي نيٽو جي فوجي اتحاد ۾ شامل ڪيو ويندو؟

2014ع ۾ روسي حمايت يافته صدر کي ملڪ بدر ڪرڻ جا اهي ئي سبب هئا جو يوڪرين اندر هڪ سياسي ڌڙي روس جي بجاءِ آمريڪا سان پنهنجا ناتا جوڙڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ۽ جنهن کان پوءِ آمريڪا طرفان گرين سگنل ملڻ شرط ئي ان سياسي ڌڙي صدر وڪٽر کي آفيس مان ڪڍي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو ،جڏهن ته اها ڳالهه طئي هئي ته روس ان جو تمام سخت رد عمل ڏيندو ،جنهن کي روڪڻ لاءِ جلد ئي يوڪرين کي نيٽو جي فوجي اتحاد ۾ شامل ڪري ان کي روسي جارحيت کان بچايو ويندو.پر آمريڪا جي ان سموري منصوبي تي هن وقت تائين ته روسي قيادت پاڻي هاري ڇڏيو آهي.يوڪرين هن وقت مڪمل طور تي تباهه حال ملڪ بڻجي چڪو آهي،يوڪريني سياستدان جيڪا اسٽريٽجڪ جوا کيڏي رهيا هئا انهن پنهنجي ملڪ جو ستيا ناس ڪري ڇڏيو آهي.

روس جي حمايت يافته صدر کي ملڪ بدر ڪرڻ کان پوءِ روس جلد ئي اهو بيان جاري ڪيو ته يوڪرين جي نيٽو اتحاد ۾ شموليت کي هر طريقي سان روڪيو ويندو.هن وقت يوڪرين نيٽو جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ ۽ روس مان نڪري آمريڪي بلاڪ ۾ شامل ٿيڻ جي چڪر ۾ پورو ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.هن وقت صورتحال اها آهي جو روسي صدر سڌي ريت ڌمڪي ڏني آهي ته يوڪرين اندر روسي فوجين تي يوڪرين کان ٻاهرين طرف کان ڪٿان به حملو ٿيو ته  پوءِ اها جنگ روايتي هٿيارن سان نه وڙهي ويندي،مطلب ته روس ۽ يورپي ملڪن جي وچ ۾ ايٽمي جنگ شروع ٿي ويندي جنهن سان ٽئين عالمي جنگ شروع ٿيڻ جا امڪان واضح آهن.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته  ڇا هنن  حالتن ۾ يوڪرين کي نيٽو جي فوجي اتحاد  ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو يا نه،جيڪڏهن شامل ڪيو ٿو وڃي ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا،انهن نقطن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.

1.جيڪڏهن هنن حالتن ۾ يوڪرين کي نيٽو اتحاد ۾ شامل ڪيو ويو ته يقينن عالمي جنگ شروع ٿي ويندي،ڇو ته نيٽو جي شق نمبر 5 تحت جيڪڏهن اتحاد ۾ شامل ڪنهن به ملڪ تي فوجي حملو ٿئي ٿو ته اتحاد ۾ شامل 30 ملڪن جي فوج جنگ ۾ شامل ٿي ويندي.1949ع ۾ جڏهن اهو اتحاد ٺاهيو ويو هو ته صرف 12 ملڪ ان جا ميمبر هئا جيڪي هاڻي 30 آهن.موجوده حالتن ۽ جنگي پس منظر کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن نيٽو ۾ يوڪرين کي شامل ڪيو ويو ته يقينن يورپي ملڪ روسي ايٽمي حملي جي نشاني تي اچي ويندا.جڏهن ته آمريڪا جي انٽليجينس ايجنسين جي تصديق ٿيل معلومات مطابق روس ننڍي پيماني جي ايٽمي هٿيارن کي يوڪرين جي سرحد تائين پهچائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته روس صرف ڌمڪي جي پوزيشن ۾ ناهي پر هو مڪمل طور هر قسم جي حالتن لاءِ تيار آهي.

2.نيٽو جي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ان ملڪ جي فوجي طاقت بهترين هجي ۽ ان ۾ وڙهڻ جي سگهه هجڻ گهرجي.مگر روس جي فوج اڳيان يوڪريني فوج واري جو ڍير ثابت ٿي ۽   روسي فوج جي حملي دوران ڪجهه ئي ڏينهن ۾ يوڪريني فوج جو هاءِ ڪمانڊ کان رابطو ڪٽجي ويو،جنهن جي ڪري ڪافي فوجي جوان ايئن ئي مارجي ويا،هن وقت به جيڪا ٿوري گهڻي گوريلا جنگ جي شڪل  ۾ فوج وڙهي رهي آهي سا صرف پنهنجي لوڪل ڪمانڊر جي ڪمانڊ هيٺ آهي.جنهن وٽ ڪنهن به قسم جي ڪا به منصوبابندي نه آهي.فوج جي ڪمانڊ ڪنٽرول جي انتهائي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري يوڪرين نيٽو جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي قابل نه آهي.

3.نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ڪو به ميمبر ملڪ ان اچڻ واري ميمبر جي مخالفت نه ڪري.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته يوڪرين سان هنگري ملڪ جا مسئلا ڪافي عرصي کان هلي رهيا آهن، جنهن جو ڪارڻ يوڪرين ۾ هنگري قوميت جي اقليتي باشندن کي رياستي حق مهيا نه ڪرڻ جي ڪري هنگري بين الااقومي پليٽ فارم تي يوڪرين جي خلاف ڳالهائي چڪو آهي پر پوءِ به ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي،جنهن سان اهو ظاهر آهي ته ٻيا ملڪ يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جي مخالفت ڀلي نه ڪن پر هنگري کلي عام ان جي مخالفت ڪندو جنهن سان يوڪرين جي شموليت رڪجي ويندي.

4.اهم ترين نقطو اهو به آهي ته نيٽو ۾ شامل ڪافي ملڪن جا روس سان سڌي ريت معاشي لاڳاپا آهن ،روس  هن وقت به پوري يورپ جي  گيس جي ضرورت جو 40 سيڪڙو گيس فراهم ڪري رهيو آهي جنهن سان يورپي ڪارخانا ۽ گهريلو صارفين مستفيد ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي ته جنگ جي صورت ۾ اها گيس سپلائي ختم ٿي سگهي ٿي جنهن سان يورپي ملڪن جي سڄو ڪاروهنوار مڪمل طور تي ٺپ ٿي سگهي ٿو.انهن ملڪن ۾ جرمني ۽ فرانس اهم آهن.جڏهن ته نيٽو اتحاد ۾ شامل اتر مڪدونيا،مولڊوا ۽ بوسنيا ۽ هرزگوينا اهڙا ملڪ آهن جنهن جي پوري ملڪي توانائي روس جي گيس تي انحصار ڪري ٿي.ان مان اهو اندازو لڳائڻ آسان آهي ته اهي ملڪ پنهنجي ملڪي  مفادن جي خاطر ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رستا روڪ ضرور ڪندا.

انهن نقطن جي روشني ۾ اهو اندازو لڳائڻ تمام آسان آهي ته يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي پويان آهي ۽ نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ ناممڪن آهي.

هاڻي ڏسجي ته اها جنگ پنهنجو رخ ڪهڙي طرف ر کي ٿي ۽ ڪهڙا ٻياملڪ ان جي لپيٽ ۾ اچن ٿا.