ڇا مان ماءُ نه آهيان؟: سکر مان گم ٿيل پريا ڪماريءَ جي امڙ روئي ويٺي

0
423

سکر (بيورو رپورٽ) سکر مان ٻن سالن کان گم ٿيل معصوم ٻارري پريا ڪماريءَ جو پتو نه پئجي سگهيو، پريا ڪماريءَ جي امڙ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي روئي ويٺي، هن چيو ته سمرت ڪمار بازياب ٿيو منهنجي ڌيءَ اڃا ڇو گم آهي؟ ڇا مان ماءُ نه آهيان؟

سکر مان ٻن سالن کان گم ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي ميار، پريا ڪماري جي امڙ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڇا مان ماءُ نه آهيان، ميڊيا تي نٿي اچان ته پوءِ مون کي پنهنجي نياڻي نه گهرجي، منهنجي معصوم نياڻيءَ کي به بازياب ڪرايو

 پريا ڪماري جي والد چيو ته اسان جي ڌيءَ نه ملي ته آپگهات ڪندس، پريا ڪماري 2 سال اڳ محرم دوران يوم عاشور جي موقعي تي عزادارن کي سبيل پيارڻ دوران گم ٿي وئي هئي، وارثن جو چوڻ آهي ته پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو آهي