ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين جي اوز ۽ ٻين شهرين پاران ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف داخل ڪيل درخواستن تي اعتراض واريندي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون هجڻ بابت  دليل طلب ڪندي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه غيرقانوني اڏاوتن خلاف داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ڪجهه اين جي اوز ۽ شهري بليڪ ميلنگ لاءِ عدالت کي استعمال ڪنديون آهن، درخواستون داخل ڪري عمارت مالڪن کي بليڪ ميل ڪيو ويندو  آهي، عدالت سوال ڪندي چيو ته ڇا انهن شهرين جي پهريان اسپيشل برانچ  کان جاچ پڙتال ڪرائي وٺون، ڪٿي اهي بليڪ ميلنگ جو ڌنڌو ته ناهن ڪندا؟ عدالت چيو ته هڪڙو شهري ناظم آباد ۾ رهندو آهي، عمارت وري نارٿ ناظم آباد ۾ آهي، هڪ شهري لياري ۾ رهندو آهي، عمارت وري ڪنهن ٻئي علائقي ۾ آهي، اسان اهڙي ڪيس بازي جي اجازت نه ڏينداسين، اهي ماڻهن جا گهر ڊهرائڻ کي راند بڻائي ويٺا آهن، پهريان درخواستون ٻڌڻ جوڳيون  هجڻ بابت دليل ڏنا وڃن.