ڇا عمران خان جي معافي يوٽرن آھي؟

0
188
پنڊي کان لنڊن تائين گڏجاڻيون

 عمران خان جي خلاف توهين عدالت وارو هي معاملو شروع ٿيو هو، شهباز گل جي گرفتاريءَ جي ڪري، جنهن جي لوئر جڊيشري پاران جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري فيصلي عمران خان کي ڪاوڙائي ڇڏيو هو جنهن تي عمران خان اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ ۾ خطاب ڪندي پوليس آفيسرن کان ويندي جج زيبا چوڌري صاحبه خلاف جيڪا ٻولي ڳالهائي ان ٻوليءَ جي بنياد تي عمران خان خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلڻ شروع ٿيو. ان ڪيس جي شروع ٿيڻ سان ئي شهباز گل جو نالو ئي بحث کان خارج ٿي ويو، هينئر به جڏهن عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي رهيو هو تڏهن به جيڪي اڳواڻ عمران خان سان گڏ ايندا رهيا انهن ۾ به شهباز گل نظر نه آيو، هاڻي اهو به ڪو بحث نٿو ڪري ته شهباز گل آهي ڪٿي، جيڪو روز جي بنياد تي پريس ڪانفرنسون ڪندو هو.

                 هي جڏهن شهباز گل جو معاملو شروع ٿيو هو تڏهن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيلاب تباهيون مچائڻ شروع ڪيون هيون، پر ميڊيا کي سيلاب ۾ لڙهندڙ انسانن کان وڌيڪ شهباز گل جي ناشتي ۾ دلچسپي هئي، ملڪ جي ڪروڙين شهرين جي مٿان قيامت گذري رهي هئي، انهن جا گھر گھاٽ، فصل، جانور لڙهي رھيا ھئا پر ملڪ جي اندر بحث جو وڏو موضوع شهباز گل بڻيل رهيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو پئي ته ميڊيا سيلاب رپورٽ جڏهن ڪرڻ شروع ڪيو تڏهن عالمي برادري جو ڌيان حاصل ٿيو، مراد علي شاهه جو چوڻ جو مقصد هو ته ملڪ جي ميڊيا جي رپورٽ نه ڪرڻ ڪري عالمي سطح تي سيلاب وارو اشوءَ ڪو اشو ئي نه هو، هينئر صورتحال اها آهي جو دنيا جي مشهور ترين اداڪارا اينجلينا جولي جڏهن دادو پهتي تڏهن سمجھيو ويو ته هاڻي هي سيلاب واري صورتحال ملڪ جي ميديا تي انجلينا جولي جي ڪري مک موضوع طور بحث جو حصو بڻجندي پر هاڻي به انجلينا جوليءَ جي مقابلي ۾ عمران خان جو فرد جرم وارو اشو بحث جو موضوع وڌيڪ رهيو. هن هفتي به ان سوال تي بحث ٿيندو رهيو ته عمران خان معافي وٺندو يا مٿس فرد جرم کي منهن ڏيندو. عمران خان سيلاب واري صورتحال باوجود پنهنجا سياسي جلسا جاري رکيا تنهن ڪري ان سوال جي اهميت باقي نه رهي ته عمران سيلاب وارن علائقن ۾ ڪڏهن نظر ايندو؟ عمران خان سيلاب وارن علائقن ۾ پاڻ ته رڳو حاضري لڳائڻ جيتري تڪليف ڪئي پر پنهنجن جلسن ۾ به آرمي چيف جي مقرريءَ کان ويندي لانگ مارچ تائين جھڙا موضوع ميدان ۾ آندا، جنهن ڪري سندس مهربانيءَ سان ملڪ جي سياسي حڪومت هن وقت به انهيءَ سوال کي حل ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي ته عمران خان جيڪڏهن لانگ مارچ ڪيو ته ان کي ڪيئن منهن ڏبو؟

هاڻي به اهو بحث ته گھٽ ۾ گھٽ پڄاڻيءَ طرح وڃي رهيو آهي ته عمران خان عورت جج خلاف ڳالهايل ٻوليءَ تي معافي وٺندو يا نه؟ هينئر عمران خان معافي وٺي ڇڏي آهي، عمران خان کي چيو ويو آهي ته لکت ۾ معافي جمع ڪرايو. عمران خان جي معافي کان پوءِ توهين عدالت جي معاملي تي ڪيئي بحث سامهون اچي چڪا آهن، اهو سوال به بحث جو حصو آهي ته جيڪڏهن توهين عدالت ۾ عمران خان جي معافي قبول پوي ٿي ته پوءِ ن ليگ جي نهال هاشمي، دانيال عزيز ۽ طلال چوڌريءَ جي معافي ڇو قبول نه پئي هئي، ان موضوع کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ يوسف رضا گيلانيءَ کي نااهل ڪرڻ واري ڳالهه کي به ياد ڪيو ويو، اهو به چيو ويو ته هي جيڪو عمران خان تي توهين عدالت وارو معاملو آهي، هي ته ڪرمنل ڪيسن ۾ اچي ٿو.

عمران خان جي هن معافي کي عمران خان جي يوٽرن سان به ياد ڪيو ٿو وڃي، هڪڙو اهو بحث ڪيو پيو وڃي ته عمران خان جي معافي ڪو پهريون ڀيرو واري ناهي، عمران خان ان کان اڳ سپريم ڪورٽ کان اليڪشن ڪميشن تائين معافيون وٺي چڪو آهي پر ساڳئي وقت اهو به بحث آهي ته عمران خان باوجود معافي وٺڻ جي پنهنجي ٻولي تبديل ناهي ڪئي، هينئر عمران خان معافي وٺي رهيو آهي پر ان کان اڳ عمران خان ساڳئي ڪيس ۾ ٻه ڀيرا جواب جمع ڪرايو ته ان ۾ معافي واضح نه هئڻ ڪري ئي فرد جرم تائين ڳالهه اچي پهتي.

عمران خان جي وڪيل حامد خان جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اندر ان ڳالهه جي گارنٽي ڏئي رهيو هو ته هاڻ عمران خان جلسن ۾ اهڙي ٻولي نه ڳالهائيندو، ان کان پوءِ ئي عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجي ٽي وي انٽرويو ۾ جنهن طرح سان مخاطب ٿيو ان عمران خان لاءِ نوان ڏچا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا، اهو سوال به بحث هيٺ هيو ته عمران خان جي ڪامران خان کي ڏنل انٽرويو کان ڪيترا ڏينهن اڳ واري انٽرويو ۾ عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪيا، اهو به پڇيو پئي ويو ته اهو انٽرويو حامد خان جي گارنٽيءَ کان اڳ جو هيو يا پوءِ جو پر عمران خان هينئر جيڪو چڪوال ۾ خطاب ڪيو اهو ته بلڪل تازو خطاب آهي جنهن ۾ عمران خان چيو جيڪو توهان کي ڌمڪيون ٿو ڏئي ان کي توهان به ڌمڪيون ڏيو.

تحريڪ انصاف وارا هاڻ معاملي کي عدالتن جي فرنٽ کان سياسي فرنٽ ڏانهن موڙي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪهاڻي کي ٻيهر لانگ مارچ تائين آندو ويو آهي. عمران خان چيو ته ڇنڇر تي تحريڪ شروع ٿيندي، بعد ۾ سمجھه ۾ آيو ته اهو ته فقط هڪڙي ڏينهن جو احتجاج هوندو، عمران خان چڪوال واري خطاب ۾ اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب هيو، ڳجھين فونن جو ذڪر ڪري رهيو هو، هاڻي چوي ٿو ته راڻا ثناءُ الله توکي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، خبر ناهي عمران خان لانگ مارچ ڪڏهن ڪندو پر ان کان به وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته عمران خان توهين عدالت واري هن ڪيس ۾ ته معافي وٺي رهيو آهي پر ڇا عمران خان جيڪا ٻولي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڳالهائي آهي ان تي به معافي وٺندو؟