ڇا عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي ؟

0
414
ڇا عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي ؟

 اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حقيقي آزادي مارچ کي اڄ ستون ڏينهن آھي. لاهور کان شروع ڪيل لانگ مارچ جي اسلام آباد پهچڻ جي پهريان تحريڪ انصاف 4 نومبر جي تاريخ ڏني هئي پر تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ڪالھه اعلان ڪيو آھي ته تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ هاڻي 10 نومبر تي راولپنڊي پهچندو ۽ 11 نومبر تي تمام قافلا اسلام آباد پهچي ويندا.تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ اسلام آباد پهچڻ ۾ ايترا ڏينهن ڇو لڳائي رهيو آھي وارو سوال انتهائي اهم ان ڪري به آھي جو جڏهن 14 آگسٽ 2014ع واري ڏينهن عمران خان ۽ طاهر القادري لاهور کان لانگ مارچ شروع ڪيو هو ته اهو اسلام آباد ۾ 36 ڪلاڪن اندر پهچي ويو هو ته هن ڀيري 36 ڪلاڪن ۾ لاهور کان اسلام آباد پهچڻ بجاءِ ستن ڏينهن ۾ به لانگ مارچ ته نه پهتو آھي پر لانگ مارچ جي اسلام آباد آمد  پندرنهن  ڏينهن تي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي لاهور مان جيڪڏهن ماڻهو پيادل هلي ته به يقينن پندرنهن ڏينهن کان اڳ اسلام آباد پهچي سگهي ٿو. لانگ مارچ جي اسلام آباد ۾ پهچڻ ۾ دير ٿيڻ پويان ڪهڙي حڪمت عملي آھي اهو ته پي ٽي آءِ قيادت کي معلوم هوندو پر بظاهر اهو نظر اچي رهيو آھي ته لاهور کان شروع ڪيل لانگ مارچ ۾ جنهن تعداد ۾ عمران خان شامل هجڻ جي ڳالھه پئي ڪئي ماڻهو ان تعداد کان انتهائي گهٽ آھن. هن لانگ مارچ ۾ شامل ماڻهن کان ته پي ٽي آءِ جي 2014ع ۾ ٿيل لانگ مارچ ۾ وڌيڪ ماڻهو هئا. ماڻهو ته عمران خان جي لانگ مارچ ۾ موجود ماڻهن جي تعداد کي پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان جي لانگ مارچ ۾ آيل ماڻهن جي تعداد سان به ڀيٽ ڪري رهيا آھن پاڻ ان تقابلي جائزي ۾ پوڻ بجاءِ اهو چئي سگهون ٿا ته عمران خان جنهن عوام جي سمنڊ جي ٻاهر نڪري اچڻ جي ڳالھه پئي ڪئي عمران خان ان جي هڪ حصي جيترا به ماڻهو ڪڍي نه سگهيو آھي. ڪجھه ماڻهن جو خيال آھي ته لانگ مارچ کي اسلام آباد پهچڻ ۾ ڪلاڪن بجاءِ پورو اڌ مهينو ان ڪري لڳي رهيو آھي جو لانگ مارچ ۾ ماڻهو گهٽ هئڻ تي عمران خان سخت ناراض ٿيو آھي. لانگ مارچ کي پنجاب ۾ ئي جاري رکي ڏهن ٻارنهن ڏينهن جي دير ان ڪري ڪئي وئي آھي جو هڪ ججهو تعداد گڏ ڪري سگهجي. سوال هي آھي ته جنهن پنجاب،  ڪي پي،  آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۾ عمران خان جي پارٽي جون حڪومتون آھن اتان اعلان واري وقت تائين پي ٽي آءِ اڳواڻ ماڻهو نه ڪڍي سگهيا هاڻي ڪجھه ڏينهن ۾ اهي ڪيترا ماڻهو ڪڍي سگهندا. ان بابت ته ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي پر سوال هي آھي ته ضمني چونڊن ۾ عمران خان اٺن تڪن تي ڪامياب ٿيو آھي جنهن مان اهو واضح ٿي ويو آھي ته عمران خان نه رڳو ملڪ جو مقبول ترين ليڊر آھي پر عمران خان ملڪي تاريخ ۾ ستن قومي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊجندڙ پهريون ليڊر به بنجي ويو آھي. ايتري مقبوليت باوجود عوامي دٻاءَ وجهي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ عمران خان لانگ مارچ ۾ ايترا ماڻهو ڇو نه ڪڍي سگهيو جن جو تعداد ڏسي عمران خان سان ڌريون ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ها. چون ٿا ته عمران خان لانگ مارچ شروع ڪرڻ ۾ ڪجھه جلد بازي ڪئي آھي جنهن ڪري هاڻي کيس پنجاب صوبي مان ٻلي پير واري ٽور اسلام آباد طرف اچڻو پئجي رهيو آھي.

عمران خان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آھي ته 11 نومبر تائين هو ايترا ماڻهو لانگ مارچ ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي جنهن تعداد جو عوامي دٻاءَ محسوس ڪري عمران خان جي مطالبن تي ان سان ڳالهيون ڪرڻ تي ڌريون مجبور ٿين پر هن وقت تائين لانگ مارچ ۾ عوام جي گهٽ شرڪت سبب موجوده حڪومت ته عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه آھي نه رڳو ايترو پر ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف شهباز شريف کي عمران خان سان ڪنهن قسم جي ڪا ڳالھه ٻولھه نه ڪرڻ کيس ڪا به فيس سيونگ نه ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي. نواز شريف ان هدايت کي پنهنجي ۽ وزير اعظم شهباز شريف جي وچ ۾ رهڻ ڏيڻ بجاءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان حوالي سان بيان به جاري ڪري ڇڏيو آھي. ظاهر آھي ته نواز شريف جي مرضي کانسواءِ وزير اعظم شهباز شريف عمران خان سان ڳالهيون نه ڪندو پر لانگ مارچ جي جيڪا ٽائمنگ آھي ۽ عمران خان جيڪي بيان ڏئي رهيو آھي انهن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آھي. عمران خان جي لانگ مارچ جي اسلام آباد پهچڻ جو جيڪو 11 نومبر جو وقت ڏنو ويو آھي ان کان ٺيڪ 18 ڏينهن بعد 29 نومبر تي موجوده آرمي چيف مدت مڪمل ڪري رٽائر ٿيڻو آھي ۽ ان جي جاءِ تي نئون آرمي چيف مقرر ٿيڻو آھي. ڳالھه آرمي چيف جي رٽائر ٿيڻ ۽ نئين آرمي چيف جي مقرري جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا  کي 29 نومبر 2016ع تي ٽن سالن لاءِ مقرر ڪيو ويو هو جيڪا مدت 29 نومبر 2019ع تي مڪمل ٿي ته آرمي چيف جي مقرري جي مددت ۾ وڌيڪ ٽن سالن جو اضافو ڪيو ويو ايئن ان اضافي جي مدت 29 نومبر 2022ع تي مڪمل ٿي چڪي آھي. جنرل قمر جاويد باجوا توسيع نه وٺڻ جي حوالي سان مامرو واضح ڪيو ويندو رهيو آھي پر ان باوجود هر ڪو پنهنجا امڪان ظاهر ڪري رهيو آھي پر ان کان به وڌيڪ امڪاني تجزيا نئين آرمي چيف جي مقرري بابت ٿي رهيا آھن. اهو ته معلوم نه آھي ته نئون آرمي چيف ڪير مقرر ٿيندو پر اهو ضرور معلوم آھي ته نئين آرمي چيف جي مقرري گڏيل مشاورت سان ڪرڻ بابت هڪ اهم ڪاروباري شخصيت معرفت عمران خان وزير اعظم کي ڳالهيون ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي هئي جنهن جي تصديق وزير اعظم شهباز شريف پاڻ ڪئي آھي ۽ اهو به واضح ڪيو آھي ته آرمي چيف جي مقرري وزير اعظم جو صوابديد آھي ان مقرري تي عمران خان سان ڪا به مشاورت نه ٿيندي. ان  سوال جو جواب ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته عمران خان ڇو آرمي چيف مرضي وارو مقرر ڪرائڻ چاهي ٿو پر اها ڳالھه ڪنهن کي به معلوم نه هئي جيڪا ڪجهھ ڏينهن اڳ ڊي جي آءِ ايس آءِ پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي آھي. ڊي جي آءِ ايس آءِ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته اڳوڻي وزير عمران خان آرمي چيف کي تاحيات مدت ۾ توسيع ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي هئي پر اهو ئي عمران خان اڄڪلھه ان ئي اداري کي حدف بنائي رهيو آھي جنهن اداري عمران خان جي ٽانگا پارٽي تصور ٿيندڙ پارٽي کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اڄ عمران خان نالا کڻي ان اداري جي آفيسرن کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آھي ڪڏهن نيوٽرل لفظ کي جانور چوي ٿو ته ڪڏهن مير جعفر مير صادق جا لفظ استعمال ڪري ٿو ۽ بار بار اهو چئي رهيو  آهي ته نيوٽرل چورن سان گڏ نه بيهن. عمران خان جي ڳالهين کي ڏسجي ته اهو واضح ٿئي ٿو ته عمران خان جي نظر ۾ ان جي پارٽي کانسواءِ اڪثر پارٽين جا اڳواڻ چور آھن چڱائي عمران خان کان شروع ٿي ان وٽ ئي ختم ٿي وڃي ٿي. عمران خان جن ادارن کي هن وقت حدف بنائي رهيو آھي اهي 2018ع جي عام چونڊ ۾ عمران خان جي پارٽي لاءِ جيڪو ڪجھه ڪري رهيا هئا اهو عمران خان کي سڀ بهتر لڳي رهيو هو. ان وقت عمران خان کان رياست مدينه جا اصول وسري ويا هئا نه رڳو ايترو عمران خان ڪجھه ڏينهن اڳ ئي چئي چڪو آھي ته حڪومت ته اسان جي هئي پر اختيار ڪنهن ٻئي وٽ هئا نه رڳو ايترو عمران خان ته ان حد تائين وڌي وڃي ڳالھه ڪئي آھي ته 2018ع جي عام چونڊن لاءِ اڪثر ٽڪيٽون به ان جاري نه ڪيون انهن سمورن عملن باوجود عمران خان بنا بريڪ انصاف ۽ رياست مدينه جون ڳالهيون ڪري رهيو آھي. مزي جي ڳالھه آھي ته ماڻهو عمران خان جي ڳالهين جي سحر ۾ اچي به رهيا آھن پر هن وقت جنهن صورتحال ۾ عمران خان آيو آھي ان صورتحال ۾ ان لاءِ  آر يا پار وارو ڪو نتيجو اچي سگهي ٿو. هي حالتون عمران خان  کي بند گهٽي ۾ به آڻي بيهاري سگهن ٿيون ته ان جي پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو سبب به ٿي سگهن ٿيون  ته موجوده حالتون جمهوريت کي رستي تان لاهڻ جو سبب به ٿي سگهن ٿيون. شايد ان ئي امڪان کي سامهون رکي عمران اها لب ڪشائي ڪئي آھي ته جيڪڏهن مارشلا لڳائڻ چاهيو ٿا ته لڳائي ڇڏيو. ڪو به جمهوري اڳواڻ اهي ڳالهيون ڪيئن ڪري سگهي ٿو پر عمران خان جي اها لب ڪشائي واضح ڪري رهي آھي ته هو “هم تو ڊوبي هين  صنم، تم کو ڀي لي ڊوبينگي” واري سطح تي پهتل آھي.