ڇا رڳو ڊاڪٽر طارق شاهاڻي ئي ناپاس ڪرڻ جهڙو هو..؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
689

غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي شاگرد ڊاڪٽر طارق علي شاهاڻي جي مبينا خودڪشي واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي ڪافي بحث ٿيو آهي، گھڻن ماڻهن هن عمل تي افسوس جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر طارق علي شاهاڻي جي خودڪشي جي جاچ جو مطالبو به ڪيو آهي. ان حوالي سان جي ايم چانڊيو پنهنجي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي ته چوندا آهن نه ھڪ بيگناھ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل جي برابر آهي، نياڻي نمرتا کان پوء ھڪ ٻيو بيگناھ خون شھيد محترما بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ھٿان ٿيو آهي، اڃان ته نمرتا بي نه وسري ھئي ته ھڪ ٻيو تحفو مليو. جڏھن ھن پيپر ڏنا ھوندا ته ڇا ڇا سوچيو ھوندس ته ھاڻي وڃي بابا امان کي ويھاري کارائيندس پر ھن کي ڪهڙي خبر ته هو ايترو مجبور ٿيندو جو ائين پاڻ پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائيندو. جٿي پوري بئچ کي پاس ڪيو ويو ڇا اتي صرف ھي نا اھل ھو؟؟ ڪيستائين اسان کي سپلين، ٽرم بيڪ جا ڀؤ ڏئي اسان جون زندگيون کسيندا رھندؤ؟؟ ھن جي پيءُ ماءُ جڏھن ھن کي پھريون دفعو يونيورسٽي موڪليو ھوندو ته ڪيڏا خوش ٿيا ھوندا ته پٽ ڊاڪٽر ٿي نڪرندو پر ھن جي پئ ماء کي ڪھڙي خبر ته يونيورسٽي وارا ھن جو لاش موڪليندا! جڏھن اسان کي نمرتا ۽ طارق جھڙن ڳڀرو جوانن جا لاشا روز تعليمي ادارن مان ملندا ته ڪير پنھنجن ٻچن کي پڙھائڻ لاء موڪليندو؟
هن پوسٽ تي ماڻهن ڪمنيٽس لکيا، مزمل چانڊيو چيو ته ڏٺو وڃي ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ اڪثر ڪري يا ته جنسي حراسمينٽ يا ذھني ٽارچر جا اھڙي قسم جا واقعا پيش ايندا آھن ۽ اسان اھڙن ڀيانڪ واقعن کي معمول مطابق درگذر ڪري ڪنھن ٻئي واقعي جي انتظار ۾ ھوندا آھيون!! حريم بلوچ لکيو ته اھوئي سبب آھي جو ڪافي والدين پنھنجي ٻارن کي يونيورسيٽي نه ٿا موڪلين ۽ ڪافي نوجوان انھن مسئلن جي ڪري پاڻ به نه ٿا وڃڻ چاھين…راشد نواز ميمڻ ڊاڪٽر طارق جي تصويرن سان گڏ پوسٽ شيئر ڪندي هي شعر لکيو:
نادان ڳڀرو..!!
هڪ پيپر فيل ۽ هو رنوير سنگھ جهڙو اسٽائلش ڇوڪرو ڦاسي جي ڦندي کي چمي ڏئي ٿو!
افسوس ۽ فقط افسوس!
ڇا زندگي جي قيمت فقط هڪ پيپر ۾ ناپاس ٿيڻ آهي؟
ڇا موت کي صرف ان ڪري ڳلي لڳائجي تہ
زندگي ۾ فقط هڪڙي ناڪامي ٿي سا بہ ننڍڙي!
ايتري جيتري ڇهن مهينن يا هڪ سال جي مار سَپلِي جي…؟
ڇا موت کي صرف ان ڪري ڀاڪر پائجي تہ
اسان کي صرف خوشيون کپن
۽ ننڍو غم، اسان کي موت جي مقام تائين پهچائي؟
ڇا موت جي ان ڪري آجيان ڪجي تہ
هڪ سبجيڪٽ جي سپلي لڳي ۽ پوءِ مڪمل مايوسي اختيار ڪجي؟
ڇا ان ڪري موت کي کيڪارجي تہ
اسان کان هڪڙي ننڍڙي مار بہ برداشت نہ ٿئي؟
اي نادان ڳڀرو!
ناڪامي، داڳ ناهي هوندي،
ناڪامي، تاج هوندي آهي!
ناڪامي، بُري ناهي هوندي،
ناڪامي، عظيم هوندي آهي!
ناڪامي، ناسُور ناهي هوندي،
ناڪامي، نُور هوندي آهي!
ناڪامي، غليظ ناهي هوندي،
ناڪامي، ناياب هوندي آهي!
جيڪا انسان کي سبق ڏيندي آهي تہ ميدان ۾ ٻيهر لهڻ کان پهريان ڪهڙي غلطي نہ ڪجي!
ناڪامي، ڪنهن هڪ پيپر ۾ فيل ٿيڻ جو نالو ناهي،
ناڪامي، پيپر ۾ فيل ٿي ۽ وري نہ اُٿڻ جو نالو آهي؟
جيئن تو ڪيو! تو ورجايو!
ناڪامي تہ انسان کي اتساهيندي آهي،
وري وڙهڻ لاءِ، وري جيئڻ لاءِ!
ناڪامي، انسان کي عام مان خاص بڻائيندي آهي!
خاڪ مان سون بڻائيندي آهي،
عليل مان عظيم بڻائيندي آهي!
جيئن هِن آئنسٽائين کي بڻايو!
جيئن هِن ابراهيم لنڪن کي بڻايو،
جيئن ھِن اسٽيو جابز کي بڻايو!
جيئن هِن ڪوبرائنٽ کي بڻايو!
جيئن هن زلاٽن ابراهيم مَووِچ کي بڻايو!
اِهي سڀ ناڪامي جا ماريل کلاڙي هئا،
۽ ناڪامي ئي، انهن کي ماري ماري، نہ ٽُٽندڙ پهاڙ بڻايو!
پوءِ توکي اي ڳڀرو!
ناڪامي گار ڇو لڳي؟
ناڪامي کار ڇو لڳي؟
حقيقت ۾ تون پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي،
پنهنجي والدين کي ميڻ ڪري ڇڏيو،
اُها ميڻ!
جيڪا باھ ۾ جَلِي،
مڪمل ڀَورِ بڻجي ويندي آهي..!!
پوجا سيوهاڻي پوسٽ ۾ لکيو ته ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي جو رهواسي مرحوم ڊاڪٽر مير محمد شاھاڻي جو پٽ مهر ميڊيڪل ڪاليج فائينل ايئر جي شاگرد ڊاڪٽر طارق حسين شاھاڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، جيڪو ٻڌي افسوس ٿيو. مقبول سنديلو تصويرون پوسٽ ڪندي لکيو ته طارق علي شاهاڻي ايم بي بي ايس جي فائنل ايئر جو شاگرد هو، جنهن جي خودڪشي ڪرڻ تي ڏاڍو ڏک پهتو، سندس پوسٽ تي ڪمينٽ لکندي امانت سنديلو، امام بخش بٽ، رفعيه شيخ، جاويد احمد ملڪ ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪيو. حسان گلزار لکيو ته خودڪشي ڪرڻ ڪمزوري جي نشاني آهي، انسان کي هميشه مضبوط هئڻ گھرجي.