ڇا دنيا ۾ ايٽمي ڌماڪا ٿي سگھن ٿا؟

0
169
ڇا دنيا ۾ ايٽمي ڌماڪا ٿي سگھن ٿا؟

 دنيا هڪ اهڙي موڙ تي آهي جتي ايٽمي ڌماڪا ممڪن آهن، پر ڇا انهن جي ضرورت آهي؟ جيڪو آمريڪا وارن جاپان سان ڪيو ڇا اهو ممڪن آهي؟ اچو ته ان جو جائزو وٺون.

آمريڪا هٿان جاپان تي ڪيل ايٽمي ڌماڪا:

                 آمريڪا جاپان مٿان 6 آڪٽوبر ۽ 9 آڪٽوبر 1945ع  دوران ٻي عالمي جنگ دوران جيڪي ڌماڪا ڪيا سي مثالي هئا. نه رڳو جاپان جا شهر ناگا ساڪي ۽ هيروشيما تباهه پيا پر انهن ڌماڪن جا اثر پوءِ ايٽامڪ ريڊي ايشن ذريعي وقت گذرڻ کان پوءِ به رهيا، ڌماڪن ۾ لکين ماڻهو مري ويا پر اٽامڪ ريڊي ايشن جي ڪري پوءِ به گھڻا ماڻهو مُئا. انهن ڌماڪن جي ڪري جيڪا جاپان ۾ تباهي آئي سا تمام گھڻي هئي، پر اڃا تائين انهن جا اثر هلن ٿا پيا. آمريڪا ۽ جاپان تي حملو گھڻو تباهي آڻيندڙ هو ۽ اڃا به اُن جا اثر موجود آهن.

ڇا ٻيا ملڪ اهڙي تباهي سهي سگھن ٿا؟

                 اسرائيل وٽ ايٽم بم ۽ ٻيا بم موجود آهن، ڇا فلسطين رياست تي هو ڪو بم اڇلائي سگھن ٿا؟ اهو انهيءَ جي ڪري ممڪن ناهي ته جڏهن اسرائيلي رياست فلسطينين کي ايئن ئي ڊيڄاري سگھي ٿي ته بم اڇلائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

پاڪستان ۽ هندستان ۾ جنگ:

پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آهن، اسان جو مکيه مسئلو ڪشمير آهي، انهيءَ ۾ هندستان وارا هر طرح جي زيادتي ڪن ٿا ۽ پاڪستان ۽ هندستان ۾ انهيءَ بابت ايٽامڪ جنگ لڳي سگھي ٿي، پر اها جنگ انهيءَ ڪري نٿي لڳي سگھي جو هندستان ايئن ئي ڏاڍ مڙسي ڪري رهيو آهي، انهن جي فوج هر طرح ڏاڍ مڙسي ڪري ٿي پئي، پوءِ ايٽامڪ بمباري جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ تنهن ڪري پاڪستان ۽ هندستان ۾ ايٽامڪ جنگ ٿيڻ جا امڪان گھٽ آهن.

نارٿ ڪوريا ۽ سائوٿ ڪوريا ۾ جنگ جو امڪان:

نارٿ ڪوريا ۽ سائوٿ ڪوريا اهڙا ملڪ آهن جن ۾ جنگ لڳي سگھي ٿي، انهن جي دنيا ۾ دشمني جي سڀني کي خبر آهي. اُهي ايئن ئي وڙهندا رهندا آهن پر ايٽمي جنگ نه ٿيندي ڇو جو انهيءَ جي ضرورت ئي ڪانهي، معنيٰ انهن ملڪن ۾ به ايٽمي جنگ نه ٿيندي.

اسرائيل ۽ ايران ۾ ايٽامڪ جنگ:

اسرائيل وٽ ايٽامڪ بم ۽ ٻيا بم موجود آهن، اهو ايران تي ايٽامڪ حملو ڪري نٿو سگھي. اهو انهيءَ جي ڪري ايٽمي حملو نه ڪندو جو سندن جھيڙا ايئن ئي هلن ٿا پيا، ته ايٽامڪ حملو ڇو ڪيو وڃي؟ جن ملڪن ۾ جھيڙا هلن ٿا اُتي ايٽامڪ حملو ڇو ڪجي، جو اسان ڏسي ويٺا آهيون ته جاپان ۾ جيڪا تباهي آئي هئي اسان اها تباهي ٻيهر ڇو آڻيون؟

نتيجو:

آمريڪا جي جاپان مٿان حملي جي صورت ۾ جيڪا تباهي آئي اُها اسان ڏسي ويٺا آهيون، جاپان ۾ لکين ماڻهو مري ويا ۽ هينئر تائين به انهن ڌماڪن جو اتان جي ماڻهن تي اثر موجود آهي. تنهن ڪري ڪو به ملڪ ايٽامڪ حملا نٿو ڪري سگھي ۽ ايٽامڪ حملن جي ڪري جيڪا جاپان ۾ تباهي آئي ان کي اسان درست نٿا ڪري سگھون، تنهن ڪري ڪنهن ملڪ تي ايٽامڪ حملو انساني سهپ کان گھڻو آهي، ان ڪري ڪنهن ملڪ کي نه کپي ته هو ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي ايٽامڪ حملو ڪري.