ڇا خوراڪ جي بحران جو انتظار ڪيو پيو وڃي؟

0
153
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هونئن ته اڄڪلهه سڄي ملڪ مان ماڻهن سٺيون خبرون اچڻ جي اميد ئي ڄڻ لاهي ڇڏي آهي پر سنڌ ۾ ته حالت اڃا به وڌيڪ خراب آهي، ڇاڪاڻ ته سانوڻي جي برساتن جي ڪري جيڪا ٻوڏ سڀ کان وڌيڪ تباهي مچائي هئي ان جو شڪار سنڌ سڀني کان وڌيڪ ٿي هئي،بلوچستان ۾ توڙي جو گهڻيون برساتون پيون ۽ نئيون وهي آيون پر پهاڙي علائقا هئڻ ڪري اتي پاڻي گهڻا ڏينهن نه بيٺو ۽ هن وقت شايد ئي ڪٿي بلوچستان جي علائقي ۾ پاڻي بيٺل هجي يا پنجاب جي سرائيڪي پٽي جا شايد ئي ڪي علائقا اڃا تائين پاڻي جي گهيري ۾ هجن پر سنڌ ۾ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته سنڌ هموار سطح تي آهي جنهن ڪري پاڻي بيهي رهيو آهي۽ ٻيو ته انهي پاڻي جي نيڪال لاءِ ان تيزي سان اپاءَ نه ورتا ويا آهن جو اهو پاڻي جلد نڪري سگهي.لڳي ٿو ته پاڻي  جي  سڪڻ يا ٻاڦ بڻجي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي، باقي انهي کي  سمنڊ يا منڇر ۾يا ٻئي هڌ نيڪال ڪرڻ جو ڪو بندوبست نه ڪيو ويو آهي.هن وقت به سنڌ جا اڪثر علائقا انهي پاڻي هيٺ آهن ڪٿي ڪٿي ته پنج کان ڇهه فوٽن تائين پاڻي موجود آهي.

سڄي سنڌ ۾ پاڻي بيٺل هئڻ ڪري هڪ ته ٻڏي ويل ڳوٺ رهڻ لائق ناهن ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪي گهر بچيل آهن ته رستا بند هئڻ ڪري اتي اچ وڃ نه ٿي ڪري سگهجي جنهن ڪري ڄڻ ته اتي ترسيل ماڻهو يرغمال بڻيل آهن جن وٽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ کان وٺي علاج معالجي جا مسئلا آهن  جنهن ڪري ماڻهن جي اڪثريت پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس وري نه سگهي آهي .پر انهي کانسواءِ ٻيو جيڪو سڀني کان وڏو مسئلو آهي اهو اهو آهي ته ٻڏي ويل علائقا اهڙا آهن جن مان اڪثريت جي گذر سفر جو وسيلو زراعت آهي .هڪ ته ٻوڏ ۾ انهن جا تيار ٿيل فصل ٻڏي ۽ تباهه ٿي ويا ٻيو وري اڃا تائين انهن علائقن جي زرعي زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب اهي پوکي لائق ناهن جنهن ڪري اهي زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو پريشان آهن.  انهن جو هڪڙو ته نقصان ٿي ويو پر جي هي ربي جو به فصل نه ٿيو ته انهن جو سڄو سال ڪيئن گذرندو.روزاني “پنهنجي اخبار” ۾ڇپيل هڪ رپورٽ مطابق لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي وارهه، نصير آباد، شھداد ڪوٽ، ڏوڪري، رتوديرو، گاجي کھاوڙ، ميرو خان سميت ٻين علائقن جي زرعي زمينن مان 2 مھينا گذرڻ بعد برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙن ۾ ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، چيو پيو وڃي ته  ٻنهي ضلعن ۾ هر سال 4 لک ايڪڙ زرعي زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ڪئي ويندي آهي پر هن سال زمينن ۾ پاڻي هجڻ ڪري اها پوکائي ممڪن نه آهي  جنهن ڪري ڪڻڪ جي پيداوار نه ٿيڻ تي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. اها صورتحال رڳو انهن ٻن ضلعن ۾ ناهي پر برسات سبب جيڪي به ضلعا متاثر ٿيا انهن ۾ اها ساڳي صورتحال آهي پوءِ اهو دادو ضلعو هجي ،ڄامشورو ،ميرپورخاص بدين يا عمرڪوٽ هجي يا وري خيرپورميرس يا ٻيا ضلعا هجن،جهڏو ٺري ميرواهه ۽ ڪي اين شاهه جهڙا تعلقي هيڊڪوارٽر وار شهر ئي اڃا تائين ٻڏا پيا آهن جڏهن ته زرعي زمينن مان 20 سيڪڙو به پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته هاڻي انهن علائقن ۾ ربي جو  فصل يعني ڪڻڪ ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي.

اسان سمجهون ٿا ته هن وقت ئي صوبي ۾ اٽو مهانگو ملي رهيو آهي ،سنڌ سرڪار به ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ پورو نه ڪيو هو مٿان وري برساتن سبب پيل ڪڻڪ به گهڻي خراب ٿي وئي هئي جيڪڏهن ڪڻڪ جو هي فصل به نه ٿي سگهيو ته صوبي ۾ خوراڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو.ڇا سرڪار صوبي ۾ خوراڪ جي بحران جو انتطار ڪري رهي آهي جو اڃا تائين به انهن علائقن مان پاڻي جي نيڪال جو بندوبست نه پيو ڪيو وڃي.تنهن ڪري جيڪو وقت گذري ويو آهي انهي کانپوءِ به سرڪار کي تڪڙي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرائڻ گهرجي ته جتي جتي ممڪن ٿي سگهي ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ زمين تيار ڪري سگهجي ۽ سرڪار انهن آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ مفت ۾ مهيا ڪري نه ته خوراڪ جي وڏي بحران کي ٽارڻ ممڪن نه هوندو.