ڇا حڪومت ٻوڏ متاثرن کي وساري ڇڏيو آهي؟

0
199
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

تقريبن ٻه مهينا گذري چڪا آهن پر اڃا تائين ٻوڏ متاثر دربدر آهن ۽ انهن جي بحالي جو ڪم شروع ئي نه ٿيو آهي نه ئي وري ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم مڪمل ٿيو آهي جو اهي ٻوڏ متاثر ماڻهو واپس پنهنجي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي پنهنجي زندگي جو گاڏو اڳتي گهلي سگهن.اڄ به ڳوٺ ۽ زرعي زمينون ٻڏا پيا آهن جيڪي ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل هئا انهن جي روزگار جو ڪو آسرو ناهي ۽ جيڪي ڏهاڙي تي مزوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا اهي به شهرن ۽ ڳوٺن کان پري ڪيمپن ۾ هئڻ ڪري مزوري نه ملڻ ڪري پنهجي خاندان جي گذر سفر ڪرڻ کان محروم آهن جڏهن ته روڊ رستا بند هئڻ ڪري ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۾به ڪاروبار کي  ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن ڪري اڃا تائين ايئن چئجي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زندگي معمول تي نه آئي آهي ته غلط نه ٿيندو.مٿان وري سيارو به اچي ويو آهي جنهن ڪري کليل آسمان هيٺ روڊن رستن يا ڪيمپن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿي رهي آهي.هڪ طرف خوراڪ جي کوٽ ٻئي طرف مختلف بيماريون پيدا ٿيڻ ڪري اهي ٻوڏ متاثر ٻٽي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ٻه هفتا اڳ ۾ سنڌ حڪومت دعويٰ ڪئي هئي ته آڪٽوبر جي 15 تارخ تائين ٻوڏ متاثر علائقن  جي زرعي زمينن مان پاڻي جو نيڪال ممڪن بڻايو ويندو ته جيئن ڪڻڪ جي پوکائي متاثر نه ٿئي ڇاڪاڻ ته ربي جي سيزن 15 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي آهي پر ڪالهه تائين انهي جا ڪي آثار نظر نه آيا ته ڪو پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ٿي سگهيو آهي اڃا به ايئن ٿو لڳي ته مهينو ڏيڍ انهي پاڻي جي نيڪال جو ڪو امڪان ناهي، جنهن جو سڌو مطلب اهو ٿيو ته انهن علائقن ۾ ڪڻڪ جي پوکائي ممڪن نه رهي آهي. هڪ طرف برساتي ٻوڏ ۾ انهن جا پوکيل ۽ تيار ٿيل فصل تباهه ٿي ويا ته هاڻي وري ڪڻڪ جي پوکائي به انهن لاءِ ممڪن ناهي رهي جنهن ڪري  انهن جي گذر سفر جا سڀ وسيلا ختم ٿي رهيا آهن.جڏهن ته سرڪار جون امدادي سرگرميون به ڏينهون ڏينهن ٿڌيون ٿي رهيون آهن جڏهن ته اڳ ئي سڀني ٻوڏ متاثرن تائين کاڌ خوراڪ نه پهچڻ يا رهائش جو انتظام نه ڪرڻ جو سرڪار پاڻ ئي اعتراف ڪري رهي هئي، جيڪڏهن اهي ٿوريون گهڻيون امداد ي سرگرميون به سست ٿي ويون آهن ته پوءِ اهي  ٻوڏ متاثر ڪيئن پنهنجو وقت گذاريندا هوندا، اهو سمجهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي.ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي حڪمران پارٽي کي ڇڏي باقي سياسي ۽ قومپرست پارٽين ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪراچي ۾  هڪ وڏي ريلي ڪڍي سرڪار کي ٻوڏ جو ذميوار قرار ڏئي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو  ۽ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن.هن وقت سڀني کان وڏي ۽ اهم ڳالهه ٻوڏ متاثرن جي ڳوٺن يا علائقن ڏانهن واپسي ۽ انهن علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي نيڪالي جو آهي جنهن کانسواءِ ٻوڏ متاثرن جي روزمرهه جي زندگي  معمول تي اچي نه سگهندي.جڏهن ته ٿيل نقصان جو ازالو ۽ متاثرن جي بحالي انهي کانپوءِ جو مرحلو آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهن وٽ زندگي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته ڪجهه بچيو ئي ناهي.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سرڪار پاڻي جي نيڪال جي لاءِ جيڪي دعوائون يا اندازا لڳايا  اهي سڀ  غلط ثابت ٿي رهيا آهن جنهن ڪري نه رڳو متاثر ڳوٺاڻا پنهنجن علائقن ڏانهن واپس نه ٿا وڃي سگهن پر انهن جي زرعي زمين ۾ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري اتي پوکي به نه ٿا ڪري سگهن.جيڪڏهن  سياري جي مڪمل اچڻ  کان اڳ پاڻي نيڪال ۽ پاڇاٽو ربي جو فصل نه ٿيو ته  انهن ٻوڏ متاثرن کي وڌيڪ ڏکيايون پيش اينديون، جن کان بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي وڌيڪ تڪڙا ۽ اثرائتا اپاءُ وٺڻ گهرجن ۽ اهو تاثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي وساري ڇڏيو آهي .