ڇا جو براند، بابر کي ڳالهائڻ به نٿو اچي: شعيب اختر

0
388

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر موجوده ڪپتان بابر اعظم تي سخت تنقيد ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته موجودا دور ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ ڪو به اهڙو رانديگر نه آهي جيڪو ميچ کانپوءِ پريزينٽيشن دوران چڱي نموني ڳالهائي سگهي

پنهنجي تازي انٽرويو دوران شعيب اختر قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي صلاحيت تي سوال اُٿاريو  جنهن تي سوشل  ميڊيا سميت مشهور ڪرڪيٽرن پاران به سندس بيان تنقيد ڪئي آهي

شعيب چيو ته جديد ڪرڪيٽ ۾ ڪو به ڪرڪيٽر وسيم اڪرم، وقار يونس، عمران خان ۽ شاهد آفريدي جيان سُپر اسٽار نه آهي، جنهن جي دنيا ساراهه ڪندي هجي، اِهو انڪري آهي جو اسان جي ڇوڪرن کي ڳالهائڻ ناهي ايندو، جنهن سبب هو هو ماڻهن سان جُڙي نٿا سگهن

هن چيو ته اڄڪلهه رڳو صلاحيت سان ڪم ناهي هلندو، ميڊيا وڏو اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، ڪرڪيٽ هڪ جاب آهي ۽ ميڊيا هڪ ڌار جهان آهي، جيڪڏهن اوهان ڳالهائي ئي نٿا سگهو ته پنهنجي ڪارڪردگي ٽي وي تي ڪيئن بيان ڪندئو؟

هن چيو ته مان سرعام چوان ٿو ته هن وقت بابر اعظم کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو برانڊ هئڻ گهرجي ها پر هو نه آهي ڇاڪاڻ ته کيس ڳالهائڻ نٿو اچي، انکانسواءِ به ڪيئي ڇوڪرا آهن جن کي ڳالهائڻ نٿو اچي، اڃا تائين رڳو مان، آفريدي ۽ وسيم اڪرم اشتهارن ۾ اچي رهيا آهن؟